English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ سنڌ ايمپلائيز الائنس جو ڏھين ڏينھن به احتجاج جاري، اسڪول، آفيسون ۽ اسپتالون بند، ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف پاران به بائيڪاٽ
140 views
|
03rd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جيستائين جائز مطالبا تسليم نٿا ڪيا وڃن تيستائين تحريڪ جاري رهندي: اڳواڻ
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سنڌ ايمپلائيز يونين ۽ آل سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي عمرڪوٽ ۾ سرڪاري ملازمن جو احتجاج ڏھين ڏينھن به جاري رهيو، جنهن دوران موتي چوڪ کان پريس ڪلب تائين وڏي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ وڏي تعداد ۾ فيميل ٽيچرس ريحانه کوسو، پپي، ڪوشيلا، نصرت ۽ ميل ٽيچرس خان محمد کوسو، حاجي رفيق ڪنڀر، خير محمد مهر، جيٺانند بجير، گوتم سميت سوين استادن، آفيسرن، ڊاڪٽرن ۽ ٻين ملازمن شرڪت ڪئي، احتجاج ڪندڙن هٿن ۾ بينرز ۽ پلي ڪارڊ کڻي نعريبازي ڪئي ۽ حڪومت خلاف سخت تڪڙا نعرا هنيا، پريس ڪلب آڏو ڌرڻو پڻ هنيو ويو، جتي اڳواڻن چيو ته جيستائين حڪومت اسان جا جائز مطالبا منظور نٿي ڪري، احتجاج جاري رهندو، ھنن چيو تہ پينشن مان ڪيل غيرقانوني ڪٽوتيون ختم ڪري پينشن جو مڪمل نظام بحال ڪيو وڃي، گروپ انشورنس ۽ بينيوولنٽ فنڊز جون رڪاوٽون ختم ڪري رٽائرمينٽ تي رقم فوري ادا ڪئي وڃي، ڊسپرٽي الانس (DA) بحال ڪيو وڃي ۽ ٻين کاتن جي ملازمن وانگر برابريءَ جي مراعتون ڏنيون وڃن، سنڌ جي استادن، ڊاڪٽرن ۽ سرڪاري عملي لاءِ مستقل اسٽرڪچر ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي نتہ جلد تاريخي ڌرڻو ھنيو ويندو، جڏھن تہ احتجاج دوران ڪيترائي اسڪول بند رهيا، شاگردن جي پڙهائي متاثر ٿي، سرڪاري آفيسن ۾ ڪم بند رهيو، عام ماڻهون پنهنجي ڪم ڪار لاءِ پريشان رهيا، اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف پڻ بائيڪاٽ ڪيو، جنهن سبب مريضن کي علاج ۾ سخت مشڪلاتون پيش آيون، يونين اڳواڻن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن حڪومت فوري طور تي انهن جا مطالبا نه ٿي مڃي ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، شهر شهر ڌرڻا ۽ روڊ بلاڪ ڪيا ويندا، ۽ ممڪن آهي ته پوري سنڌ ۾ هڙتال جو اعلان ڪري تاريخي ڌرڻو ھنيو ويندو، ٻي طرف احتجاج سبب شهري سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويا، والدين چيو ته اسڪول بند ٿيڻ سبب سندن ٻار تعليم کان پري ٿي رهيا آهن، جڏهن ته مريضن جي وارثن چيو ته اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ۽ اسٽاف جي بائيڪاٽ سبب علاج معالج ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي، سرڪاري آفيسن ۾ ڪمن ڪارن لاءِ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو پئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
سندھ میں بارشوں کا سلسلہ، مختلف اضلاع میں نظامِ زندگی متاثر
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ سمائل ويلفيئر فاؤنڊيشن طرفان 400 کان وڌيڪ ٻارن کي مفت عيد شاپنگ ڪرائي وئي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾ سنڌ ايمپلائيز الائنس
0 تبصرے