آڪٽوبر – ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي جو مهينو: بروقت تشخيص ئي زندگي جي ضمانت

سيدة سونيا منور

آڪٽوبر – ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي جو مهينو: بروقت تشخيص ئي زندگي جي ضمانت

آڪٽوبر جو مهينو سڄي دنيا ۾ ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي جي مهيني طور ملهايو ويندو آهي۔ ان جو مقصد ماڻهن ۾ ڇاتي جي سرطان بابت شعور بيدار ڪرڻ ۽ عورتن کي بروقت تشخيص ۽ علاج جي اهميت کان آگاهه ڪرڻ آهي۔ ڇاتي جو سرطان دنيا ڀر ۾ عورتن ۾ سڀ کان وڌيڪ عام ڪينسرن مان هڪ آهي۔ بدقسمتي سان پاڪستان انهن ملڪن مان آهي جتي ڇاتي جي ڪينسر جي ڪيسن جي شرح تمام گهڻي آهي۔ صحت جي ماهرن مطابق پاڪستان ۾ هر اٺ مان هڪ عورت کي زندگي جي ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي ڇاتي جو ڪينسر ٿي سگهي ٿو۔ اهوئي سبب آهي جو وقت سر جاچ ۽ علاج انتهائي ضروري آهي۔
آڪٽوبر دوران مختلف ادارا، اسپتالون ۽ تنظيمون آگاهي مهمون هلائن ٿيون ته جيئن عورتن ۾ پاڻمرادو جاچ ڪرڻ جي عادت ۽ باقاعده اسڪريننگ جو شعور پيدا ٿي سگهي۔ ڇاتي جي ڪينسر جي بروقت تشخيص ئي ڪامياب علاج جي ڪنجي آهي۔ جيڪڏهن ڪينسر شروعاتي مرحلي ۾ پڪڙجي وڃي ته علاج جا امڪان 90 سيڪڙو تائين وڌي وڃن ٿا۔ بدقسمتي سان اسان جي سماج ۾ ڪينسر بابت ڳالهائڻ اڃا به معيوب سمجهيو وڃي ٿو، جنهن سبب ڪيترين عورتن کي شرم يا خوف جي ڪري جاچ ڪرائڻ ۾ هٻڪ ٿئي ٿي۔ هي رويو جان ليوا ثابت ٿي سگهي ٿو۔
ڇاتي جي ڪينسر جا وڏا سبب جينياتي اثرات، غير متوازن خوراڪ، جسماني سرگرمي جي کوٽ ۽ ذهني دٻاءُ آهن۔ عورتن کي گهرجي ته هو صحتمند طرزِ زندگي اختيار ڪن ته جيئن خطرو گهٽجي سگهي۔ آڪٽوبر جون آگاهي مهمون رڳو عورتن لاءِ نه پر مردن لاءِ به اهم آهن، ڇو⁠جو جيتوڻيڪ هي بيماري عورتن ۾ وڌيڪ عام آهي پر مرد به ان جو شڪار ٿي سگهن ٿا۔
پاڪستان ۾ هن مهيني دوران "پنڪ ربن" مهم پڻ هلائي وڃي ٿي جنهن جو مقصد ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ اهو باور ڪرائڻ آهي ته ڇاتي جو ڪينسر لاعلاج ناهي، پر بروقت علاج سان ان تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو۔ آڪٽوبر اسان کي ياد ڏياري ٿو ته زندگي قيمتي آهي ۽ صحت تي ڪڏهن به سمجھوتو نه ٿيڻ گهرجي۔ تنهنڪري هر عورت کي گهرجي ته هو باقاعدگي سان جاچ ڪرائي، ۽ ڪنهن به مشڪوڪ علامت جي صورت ۾ فوري طور ڊاڪٽر سان رجوع ڪري۔ هي آگاهي بي شمار زندگيون بچائي سگهي ٿي۔
ڇاتي جي ڪينسر آگاهي مهيني جو مقصد صرف بيماري بابت ڄاڻ ڏيڻ ناهي پر مريضن ۽ انهن جي ڪٽنبن سان يڪجهتي جو اظهار پڻ آهي۔ هن مهيني ۾ دنيا جي ڪيترين ئي عمارتن کي گلابي بتيئن سان روشن ڪيو ويندو آهي، جيڪو اميد ۽ همت جي علامت آهي۔
اسان سڀني جي ذميواري آهي ته سماج ۾ آگاهي ڦهلايون، عورتن کي جاچ لاءِ همٿايو ۽ انهن جو حوصلو وڌايون۔ جيڪڏهن اسان سڀ گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين ته بي شمار زندگيون بچائي سگهجن ٿيون ۽ سماج صحتمند مستقبل ڏانهن وڌي سگهي ٿو۔ ڇاتي جي ڪينسر آگاهي مهينو اسان کي سيکاري ٿو ته ٿوري احتياط ۽ بروقت ڌيان زندگي ۽ موت جي وچ ۾ فرق آڻي سگهي ٿو۔ تعليم، آگاهي ۽ گڏيل سهڪار ذريعي ئي اسان هن بيماري تي ضابطو آڻي سگهون ٿا۔