ملڪ جي نوابن ٖ سردارن ٖ جرنيلن ۽ پيرن جون پاڻ ۾ مٽيون مائٽيون..!!

ذوالفقار قادري

ملڪ جي نوابن ٖ سردارن ٖ جرنيلن ۽ پيرن جون پاڻ ۾ مٽيون مائٽيون..!!

بلوچستان جي قومپرست تحريڪ تي نظر وجهبي تہ انهن ۾ جيڪي وڏا نالا ۽ قدآور شخصيتون ملن ٿيون انهن ۾ نواب خير بخش مري ٖ سردار عطاءالله مينگل ٖ نواب اڪبر خان خان بگٽي ۽ مير غوث بخش بزنجو سرفهرست نظر ايندا جنهن کي بلوچن جي “ چوياري “ بہ چوندا هئا ٖ باقي خان آف قلات وارن جي بلوچ قومي سماج ۾ پنهنجي حيثيت رهي آھي ٖ بلوچ سردارن جا جتي پاڻ ۾ اختلاف رهيا آھن اتي ساڳئي وقت هنن جون پاڻ ۾ مٽيون مائٽيون ٖ رشتيداريون ٖ ۽ خانداني تعلق بہ جڙيل آھن ٖ نواب اڪبر بگٽي جون خانداني ڇاڙون روجهاڻ جي مزارين کان وٺي بولان جي ڊومڪين تائين پکڙيل آھن . نواب اڪبر بگٽي ٽي شاديون ڪيون سندس پهرين گهر واري مزارين جي سردار ڀائرن مير بلخ شير مزاري ۽ مير شير باز خان مزاري جي همشيره هئي جنهن مان نواب اڪبر بگٽي کي چار پٽ سليم اڪبر بگٽي ٖ ريحان خان بگٽي ٖ طلال اڪبر بگٽي ٖ سلال اڪبر بگٽي ۽ پنج نياڻيون نوابزادي در شهوار ٖ نوابزادي نيلوفر ٖ نوابزادي نازنين ٖ نوابزادي دردانہ ۽ نوابزادي درين ٿيا ٖ نواب اڪبر بگٽي جي ٻي زوجہ پختون هئي جنهن مان کيس ھڪ پٽ جميل اڪبر بگٽي ۽ ٻہ نياڻيون نوابزادي شھناز ۽ نوابزادي فرح ناز ٿيا ٖ نواب اڪبر بگٽي جي ٽين زوجہ ايراني هئي جنهن مان کيس هڪ پٽ شاه زوار بگٽي ٿيو ٖ نواب اڪبر خان جي هڪ ڀيڻ مير شير باز مزاري جي زوجہ ٿئي تہ سندس ٻي ڀيڻ لورالائي جي کيتران سردارن ۾ ڏنل آھي ۽ مير طارق محمود کيتران نواب اڪبر بگٽي جو ڀاڻيجو ٿئي ٖ نواب اڪبر بگٽي جي هڪ نياڻي ڊومڪي سردار مير چاڪر خان ڊومڪي جي شريڪ حيات آهي ٖ نواب اڪبر بگٽي جي ٻي نياڻي نواب خير بخش مري جي ڀائٽي ۽ مير قيصر خان مري جي فرزند سابق وزيراعلئ بلوچستان مير همايون مري جي شريڪ حيات آھي ٖ نواب اڪبر بگٽي جي ٽين نياڻي اڳوڻي نگران وزيراعظم مير بلخ شير مزاري جي پٽ جي شريڪ حيات آھي ٖ نواب اڪبر بگٽي جي چوٿين نياڻي نوابزادي فرح ناز نواب صاحب جي ڀاءٗ مير احمد نواز بگٽي جي پٽ مير بيورغ بگٽي جي شريڪ حيات آھي نواب اڪبر بگٽي جي پنجين نياڻي ڄام آف ملير ڄام مراد جي پٽ ڄام حفيظ جي شريڪ حيات آھي جڏھن تہ ڄام مراد جي ٻئي پٽ ڄام بجار جي شادي وري سردار عطاءالله مينگل جي نياڻي سان ٿيل آھي جڏھن تہ ڄام مراد جي نياڻي ملڪ علاءالدين جي شريڪ حيات آھي نواب اڪبر بگٽي جي پٽ سليم اڪبر بگٽي جي شادي مير نبي بخش زهري جي نياڻي سان ٿيل آھي نواب اڪبر بگٽي جي هڪ پوٽي ٖ نوابزاده ريحان خان بگٽي جي نياڻي ۽ برهمداغ بگٽي جي ڀيڻ مير چاڪر خان ڊومڪي جي پٽ مير بختيار خان ڊومڪي جي شريڪ حيات تہ وري نواب اڪبر بگٽي جي ٻي پوٽي ۽ برهمداغ بگٽي جي ٻي ڀيڻ نواب خير بخش خان مري جي پٽ مير مهراڻ خان مري جي گهر واري آھي. وري سليم اڪبر بگٽي جي پٽ مير عالي بگٽي جي شريڪ حيات خان آف قلات جي فيملي مان آھي نواب اڪبر بگٽي جي ڀائٽي شاهد بگٽي جو پٽ تابش بگٽي وري نثار کهڙو جي پهرين گهر واري مرحومہ شھناز انصاري مان پيدا ٿيل نياڻي سان پرڻيل آھي نواب خير بخش خان مري کي ڇهہ پٽ مير گزين مري ٖ مير چنگيز مري ٖ مير بالاڇ مري ٖ مير مهراڻ مري ٖٖ مير حيربيار مري ۽ مير حمزه ۽ ٽي نياڻيون ٿيون نواب خير بخش مري جي هڪ نياڻي سردار عطاالله مينگل جي پٽ مير جاويد مينگل جي شريڪ حيات ٖ ٻي نياڻي مير سيف الرحمان مزاري جي پٽ مير نعيم مزاري جي شريڪ حيات آھي ٖ نواب خير بخش مري جي وڏي فرزند مير گزين مري جي شريڪ حيات جهل مگسي جي مگسي سردارن نواب ذوالفقار علي خان مگسي ۽ مير نادر مگسي وارن جي ڀيڻ آھي ٖجڏھن تہ مگسين جي سردار نواب ذوالفقار علي خان مگسي جي وني شمع پروين مگسي خان آف قلات جي پوٽي ۽ پرنس عبداڪريم جي ڌيءٗ آھي ٖ خان آف قلات جي پٽ پرنس محي الدين بلوچ جي شريڪ حيات ڄام آف لسٻيلا مير غلام قادر جي نياڻي ٖ ڄام يوسف جي ڀيڻ ۽ موجوده وزيراعلئ بلوچستان ڄام ڪمال جي پڦي آھي سردار عطاءٗ الله مينگل چيف سردار مير رسول بخش مينگل جو پٽ آھي سردار رسول بخش مينگل جون ٽي شاديون ٿيل هيون سردار عطاءالله مينگل جي والده سردار بلوچ خان حسني جي ڀيڻ ھئي جڏھن تہ سردار بلوچ خان حسني جي شريڪ حيات وري خان آف قلات مير احمد يار خان جي ڀيڻ ھئي جڏھن تہ سردار عطاءٗ الله مينگل جي ويڳي ماءٗ ڄام آف لسٻيلا مير غلام قادر جي ڀيڻ ھئي سردار عطاءٗ الله مينگل جي هڪ شريڪ حيات سردار اسلم خان گچڪي جي ڀيڻ آھي جنهن مان مير جاويد مينگل پٽ آھي ڄام ڪمال آف لسٻيلا جي نياڻي ايم اين اي مير عامر خان مگسي جي پٽ مير زرين خان مگسي جي گهرواري آھي جڏھن تہ سردار عطاءٗ الله مينگل جي ٻي شريڪ حيات سردار صالح ڀوتاڻي ۽ سردار اسلم ڀوتاڻي وارن جي ڀيڻ ٿئي جنهن مان سردار اختر مينگل پٽ آھي اهڙي طرح سردار عطاء الله مينگل جي ڀيڻ وري ڀوتاڻي سردار کي ڏنل آھي سردار صالح ڀوتاڻي ۽ سردار اسلم ڀوتاڻي جي ٻي ڀيڻ ڪوهستان جي ملڪ سڪندر خان جي شريڪ حيات هئي سردار صالح ڀوتاڻي ۽ اسلم ڀوتاڻي ملڪ اسد سڪندر جا ماما ٿين جڏھن تہ سردار صالح ڀوتاڻي جي نياڻي ملڪ اسد سڪندر جي شريڪ حيات آھي ٖ اهڙي طرح خان آف قلات جي هڪ نياڻي گچڪي سردار نواب ڀائي خان گچڪي جي وني ٿئي ٖ خان آف قلات مير احمد يار خان جي ڏوهٽي ۽ نواب ڀائي خان گچڪي جي نياڻي چانڊيا قبيلي جي سردار نواب احمد سلطان چانڊئي جي شريڪ حيات هئي ٖ جڏھن تہ نواب احمد سلطان چانڊيو جي ٻي گهر واري قمبر تعلقي جي خير پور جوسو جي مير حسن علي خان اسراڻ جي نياڻي آھي ٖ چانڊين جي سردار نواب احمد سلطان چانڊيو جون ٻہ ڀينر وري راڻي پور جي پيرن پير عباس شاه عرف پير جيئل شاه جيلاني ۽ پير سيد علي اڪبر شاه جيلاني جون شريڪ حيات آھن ٖ مرحوم نواب شبير احمد چانڊيو جي شريڪ حيات ۽ چانڊين جي موجوده سردار نواب غيبي سردار خان چانڊيو جي امڙ خان آف قلات جي ڏوهٽي ۽ نواب سليم جان خان نوشيرواني جي نياڻي ٿئي ٖ نواب سردار خان چانڊيو جي شادي گچڪي سردارن جي گهراڻي مان ٿيل آھي جڏھن تہ سردار خان چانڊيو جي ننڍي ڀاءٗ نوابزاده ريحان خان چانڊيو جي شادي بلوچستان جي اڳوڻي وزيراعلئ مرحوم ڄام يوسف جي نياڻي ۽ موجوده وزيراعلئ بلوچستان ڄام ڪمال جي ڀيڻ سان ٿيل آھي نوشيرواني سردار نواب عبدالرشيد نوشيرواني جي شادي ڪرد سردارن مان ٿيل آھي ٖ نوابزاده سليم جان نوشيرواني نواب بلوچ خان نوشيرواني جو نياڻو ٿئي جڏھن تہ سردار رشيد خان شاهواڻي جي نياڻي رندن جي سردار مير امام بخش رند جي وني هئي ٖ سردار محمد خان شاهواڻي جي شريڪ حيات سردار پسند خان زرڪزئي جي نياڻي هئي ٖ جڏهن تہ نواب محمد خان شاهواڻي جي شادي پڻ خان آف قلات جي فيملي مان ٿيل آھي ٖ نواب عبدالقادر شاهواڻي جي امڙ وري سردار رحيم خان باديني جي ڀيڻ ھئي ٖ جڏھن تہ سردار رحيم خان باديني جي امڙ نوشڪي جي خاراني سردارن مان هئي بلوچستان جي محمد حسني سردار جون ٻہ نياڻيون بہ نواب احمد سلطان چانڊيو جي پٽن جون ونيون آھن ٖ جڏھن تہ سردار محمد حسني جي هڪ نياڻي سردار بلخ شير مري جي ننهن ٿئي ٖ نواب احمد سلطان چانڊيو جي هڪ نياڻي سردار دودا خان جي پٽ مير علي محمد زرڪزئي جي وني ٿئي جڏھن تہ مير علي احمد زرڪزئي جي نياڻي وري نواب احمد سلطان چانڊيو جي پٽ مير وحيد خان چانڊيو جي وني آھي ٖ سردار عطا الله مينگل جي هڪ ناٺي سردار رحيم مينگل جي ڀاءٗ جي شادي وري مير غوث بخش بزنجو جي نياڻي سان ٿيل آھي ٖ مگسي قبيلي جي نواب سيف الله خان مگسي ٻہ شاديون ڪيون پهرين شادي پنهنجي قبيلي مان ڪيائين جنهن مان موجوده نواب ذوالفقار علي خان مگسي ۽ ٻيا پٽ آھن جڏھن تہ نواب سيف الله مگسي ٻي شادي پنجاب جي وزيراعلئ رهندڙ ميان ممتاز دولتانہ جي گهراڻي مان ڪئي جنهن مان مير نادر خان مگسي ٖ مير عامر خان مگسي ۽ ٻيا ڀائر آھن ٖ لاڙڪاڻي جي خانبهادر محمد ايوب کهڙو جي مٽي مائٽي بہ پنجاب جي دولتانہ خاندان سان آھي اهڙي طرح مير نادر مگسي وارا ۽ ڊاڪٽر حميده کهڙو سندس ڀاءٗ شاه محمد پاشا کهڙو مرحوم پاڻ ۾ ويجها عزيز ٿين ٖ اڳوڻي وزيراعلئ ممتاز علي ڀٽو جي هڪ نياڻي سنڌ اسمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر غلام رسول خان ڪيهر جي فرزند رضوان ڪيهر جي شريڪ حيات آھي جڏھن تہ نواب نبي خان ڀٽو جي نياڻي ۽ ممتاز علي ڀٽو جي ڀيڻ سانگهڙ جي حاجي عبدالقدوس راڄڙ جي شريڪ حيات ٿئي ٖ ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر جي هڪ ڀيڻ نواب غني ٽالپر جي شريڪ حيات ۽ ٻي ڀيڻ عبدالستار ڪيريو جي شريڪ حيات آھي ٖ پير صاحب پاڳارو پير صبغت الله شاه راشدي ۽ پير صدرالدين شاه راشدي عرف يونس سائين ٖ پير علي گوهر شاه راشدي ۽ اڳوڻو وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني پاڻ ۾ سڳا ماسات ٿين جڏھن تہ پير صدرالدين شاه جي نياڻي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي ننهن ۽ عبدالقادر گيلاني جي شريڪ حيات آھي جهانگير ترين جي شادي پنجاب جي ضلع رحيم يار خان جي جمال ديني واري هڪ وڏي پيراڻي گادي ڌڻي مخدوم الملڪ پير غلام ميران شاه آف جمال الدين والي رحيم يارخان جي پوٽِي ٖ وڏي پير صاحب پاڳاري شاه مردان شاه راشدي جي سالي پنجاب جي اڳوڻي گورنر ۽ وزيراعلئ مخدوم زاده حسن محمود جي نياڻي سان ٿيل آھي مخدوم الملڪ غلام ميران شاه جي هڪ نياڻي رضيہ بيبي وڏي پير صاحب پاڳارو شاه مردان شاه مرحوم جي شريڪ حيات هئي جنهن مان موجوده پير پاڳاره پير صبغت الله شاه راشدي ٖ پير صدرالدين شاه راشدي عرف يونس سائين ۽ پير علي گوهر شاه راشدي پٽ آھن ٖ مخدوم الملڪ غلام ميران شاه جي ٻيون نمبر نياڻي وري اڳوڻي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي ماءُ ھئي جڏھن تہ وڏي پير صاحب پاڳاري مرحوم جي هڪ نياڻي وري اسپيڪر سنڌ آغا سراج دراني جي شريڪ حيات آھي ٖ پنجاب جو اڳوڻو گورنر ۽ پ پ اڳواڻ سيد احمد محمود موجوده پير پاڳاري صبغت الله شاه راشدي ۽ سيد يوسف رضا گيلاني جو پڦاٽ ٿئي تہ ساڳئي وقت وري جهانگير ترين جو سالو بہ آھي پنجاب جي سياست ۾ پاور فل خاندان گرديزي خاندان ٖ ممدوٽ خاندان ۽ اڳوڻي صدر فاروق لغاري وارا به جهانگير ترين جي گهر واري جي ناناڻن ۽ ڏاڏاڻن کان ويجها عزيز ٿين اڳوڻي صدر فاروق خان لغاري جي ڀيڻ جهانگير ترين جي زال جي ڏاڏي هئي جڏهن ته جنرل ضياء جي ويجهو رهندڙ آ۽ ايس آ۽ جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽننٽ جنرل اختر عبدالرحمان جي زال جهانگير ترين جي پڦي ٿئي وري جهانگير ترين جي ڀيڻ سينيٽر سيمي ايزدي وري جنرل اختر عبدالرحمان جي ننهن ۽ ايم اين اي همايون اختر جي زال ٿئي جنرل ايوب خان واليء سوات ڪيپٽن ميان گل اورنگزيب کي پنهنجو ملٽري اي ڊي سي بڻايو ٖ جنرل ايوب خان هر غير ملڪي دوري تي پنهنجي سڪيلڌي ڌيءُ نسيم کي گڏ وٺي ويندو هو ٖ ميان گل اورنگزيب سهڻو ۽ جازب نظر سان گڏ سوات والي جو مسند نشين پڻ ھو سو جنرل ايوب خان 1955ع ۾ پنهنجي سورهن سالن جي سڪيلڌي نياڻي نسيم جي شادي پنهنجي ملٽري اي ڊي سي ميان گل اورنگزيب سان ڪري ڇڏي ٖ اسلام آباد هاء ڪورٽ جي جج جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب جي شادي پنهنجي مامي قومي اسمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر گوهر ايوب جي ڌيءُ ۽ تحريڪ انصاف جي اڳوڻي وفاقي وزير عمر ايوب جي ڀيڻ سان ٿيل آھي ٖ مطلب سندس شادي فيلڊ مارشل صدر جنرل ايوب خان جي پوٽي سان ٿيل آھي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب جي سس جو نالو زيب گوهر آھي جيڪا ليفٽننٽ جنرل حبيب الله خان جي ڌيءُ ۽ ليفٽننٽ جنرل علي قلي خان جي ڀيڻ آھي ۽ قومي اسمبلي جي ميمبر پڻ رهي چڪي آھي جڏھن تہ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب جي هڪ ماسي ليفٽننٽ جنرل حبيب الله جي ننهن ۽ ليفٽننٽ جنرل رٽائرڊ علي قلي خان جي زال ٿئي ٖ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب جي ماءُ نسيم ۽ سس زيب جو ڏي وٺ جو رشتو ٿيل آھي جنرل ايوب خان پنهنجي هڪ ڌيءُ نسيم واليء سوات ميان گل اورنگزيب کي ڏني ۽ پنهنجي ٻي ڌيء جنرل حبيب الله جي فرزند ليفٽننٽ جنرل علي قلي خان کي ڏني جنرل حبيب الله جي پيءُ نالو قلي خان خٽڪ هو ٖ قلي خان خٽڪ کي جنرل حبيب الله خٽڪ ٖ يوسف خٽڪ ٖ اسلم خٽڪ ۽ ڌيءُ ڪلثوم جو اولاد ٿيو ٖ ڪلثوم جي شادي خان آف مروت سيف الله خان غزني خيل سان ٿي ٖ ڪلثوم سيف الله کي انور سيف الله ٖ سليم سيف الله ٖ جاويد سيف الله جو اولاد ٿيو ٖ صدر اسحاق خان جي هڪ ڌيءُ جي شادي ڪلثوم سيف الله جي پٽ وزير اعظم بينظير ڀٽو ڪابينہ ۾ وزير پئٽروليم رهندڙ انور سيف الله سان ٿيل آھي ۽ صدر اسحاق خان جي ٻي ڌيءُ جي شادي وري ڄام صادق جي ڪابينہ ۾ وزير داخلا رهندڙ عرفان الله مروت ٿيل آھي ڪلثوم سيف الله جنرل علي قلي خان جي پڦي ٿئي ٖ پاڪستان ۾ بسون ٖ ڪوچون ٖ ٽرڪون ٖ ٽرالر ۽ جيپ ٺاهيندڙ آٽو موبائل صنعت جا وڏا ادارا گنڌارا موٽرز ٖ جنرل موٽرز ٖ ٽويوٽا موٽرز ٖ گنڌارا نسان موٽرز ليفٽننٽ جنرل حبيب الله خان جا هئا هاڻي انهن ادارن جو سربراه سندس پٽ ليفٽننٽ جنرل رٽائرڊ علي قلي خان آھي ٖ پاڪستان ۾ ٽائرن ٺاهڻ وارو وڏي ۾ وڏو ادارو جنرل ٽائرز بہ جنرل علي قلي خان وارن جو آھي ٖ هن وقت پاڪستان جي هٿيار بند فوج کي جيپون ٖ ٽرڪون ٖ ٽائر ۽ ٻيا هيوي وهيڪل فراهم ڪندڙ پاڪستان جا وڏي ۾ وڏا ادارا گنڌارا موٽرز ٖ جنرل موٽرز ٖ ٽويوٽا موٽرز ٖ نسان موٽرز ۽ جنرل ٽائرز ليفٽننٽ جنرل علي قلي خان وارن جا آھن جڏھن تہ پاڪستان ۾ موبي لنڪ ۽ جاز کي متعارف ڪرائڻ وارا ڪلثوم سيف الله گروپ وارا آھن ڪلثوم سيف الله جي مڙس “ سيف الله “ نالي سان گروپ آف ڪمپنيز آھي ملڪ جو وڏو سرمائيدار گروپ آھي جنهن جا اثاثا اربين روپين ۾ آهن ٖ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب جي سس زيب جا چاچا اسلم خٽڪ گورنر ٖ يوسف خٽڪ پاڪستان جا وزير داخلا رهي چڪا آھن جڏھن تہ سندس سس زيب جو ڀاءُ ليفٽننٽ جنرل علي قلي خان پاڪستان جي هٿياربند فوج جو چيف آف آرمي اسٽاف ٿيندي ٿيندي رهجي ويو نواز شريف جنرل علي قلي خان جي سينارٽي کي نظرانداز ڪري جنرل مشرف کي آرمي چيف بڻايو هو