English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
بااثرن وقار ميمڻ ۽ صوفي ذوالفقار قادري جي چرچ تي گھر تي قبضو ڪيو آهي: ماروي زئور
33 views
|
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ گهر تي مبينا قبضي خلاف ناري جو امڙ سميت احتجاج
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) مڪلي سرڪٽ ھائوس ڀرسان ڪچي آبادي جي رھواسڻ ماروي ڌيءُ علي اصغر زئور پنھنجي پيرسن ماءُ سان گڏ عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام ھنيو آھي تہ مقامي بااثرن پاران سندس گھر تي مبينا قبضو ڪري کين بيدخل ڪيو ويو آھي ھن گھر ۾ گھڙي ڀڃ ڊاھ ڪرڻ توڙي کين بي دخل ڪرڻ واري عمل خلاف دانھيندي چيو تہ اسان 1999ع ۾ مڪلي تي سرڪٽ ھائوس ڀرسان ھڪ پلاٽ خريد ڪيو ھو، جنھن ۾ اڏاوت ڪرڻ بعد 2008ع کان رھائش پذير آھيون، سندن گھر سامھون صوفي ذوالفقار قادري جو آستانو موجود آھي، جن جا فقير کين ھر وقت تنگ ڪندا رھن ٿا. ھن الزام ھڻندي چيو تہ حاجي مختيار پليجو، ارشاد پليجو، ذوالقرنين پليجو، غفور پليجو جن پاران وقار ميمڻ ۽ صوفي ذوالفقار قادري جي چرچ تي اسان جي گھر ۾ داخل ٿي قبضو ڪري ويھي رھيا آھن، جيڪي اسان کي پنھنجي گھر ۾ وڃڻ نٿا ڏين. ھن چيو تہ اسان نہ پنھنجو گھر وڪرو ڪيو آھي ۽ نہ ئي ڪو گھر جو سودو ڪيو آھي، اسان سان وڏي ناانصافي ڪري گھر تي قبضو ڪري گھر ۾ رکيل قيمتي سامان کي بہ نقصان پھچايو ويو آھي. ھن ڊي سي ٺٽو، ايس ايس پي ٺٽو، چونڊيل نمائندن سميت سمورن وس وارن کان گھر ڪئي تہ ساڻن انصاف ڪري سندن گھر تي ٿيل قبضو خالي ڪرائي گھر سندن حوالي ڪري قبضو ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري ٿيل نقصان جو ازالو ڪرايو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪرڻ سان گڏ انصاف لاء عدالت ۾ وينداسين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽي ۾ گهر تي
وقار ميمڻ ۽ صوفي ذوالفقار قادري
ماروي زئور
0 تبصرے