English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان سونا فٽبال ڪپ منعقد
270 views
|
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير (ڊ ر) فوجي فرٽيلائزر ڪمپني (ايف ايف سي) پورٽ قاسم طرفان مقامي ڳوٺن جي نوجوانن ۾ راندين جي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ لاءِ “سونا فٽبال ڪپ” جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن ۾ مختلف ڳوٺن جي نوجوانن تي ٻڌل ٽيمون شامل هيون. فٽبال ٽورنامينٽ ۾ نَو کان وڌيڪ ٽيمون پنهنجي شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري، جڏهن ته فائنل ميچ ۾ ايف ايف سي جي ڊائريڪٽر بريگيڊيئر عمران حيدر شيرازي خاص مهمان طور شرڪت ڪئي۔ تقريب ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ آغا طارق پٺاڻ، ايف ايف سي جي ايڊمن انچارج ڪرنل (ريٽائرڊ) طاهر، ميجر سرور، ميجر ساجد، علائقي جا معزز شخصيتون امن دين جوکيو، وڊيرو جمعه جان جوکيو، نياز جوکيو، غلام رسول ڪلمتي، غلام حسين ڪلمتي، امجد کوسو، اقليتي اڳواڻ سري چند ڪڪريجا، سينيئر صحافي مير ذوالفقار ميرجت، حسن ٽڳڙ، رب نواز مستوئي ۽ ٻيا به وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا۔ فٽبال فائنل ۾ پهرين ۽ ٻي پوزيشن حاصل ڪندڙ ٽيمَن ۾ عمران حيدر شيرازي ۽ آغا طارق پٺاڻ انعام ورهايا۔ تقريب کي خطاب ڪندي ايف ايف سي جي سينيئر ڊائريڪٽر عمران حيدر شيرازي چيو ته “ايف ايف سي سونا ڪپ” جو مقصد ٻهراڙي جي علائقن جي نوجوانن جو ٽيلنٽ سامهون آڻڻ آهي، ۽ جلد ئي ڪرڪيٽ ۽ والي بال ٽورنامينٽ به منعقد ڪيا ويندا ته جيئن نوجوان پنهنجي صلاحيتن کي وڌيڪ اجاگر ڪري سگهن۔ اسان نوجوانن جي حوصلا افزائي لاءِ نقد انعام ۽ ٽرافيون ڏنيون آهن ته جيئن اهي وڌيڪ جوش ۽ جذبي سان کيڏن۔ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ آغا طارق پٺاڻ چيو ته مان ايف ايف سي انتظاميا کي سلام پيش ڪريان ٿو جن ديهي علائقن جي نوجوانن لاءِ فٽبال ٽورنامينٽ جو اهتمام ڪيو، ڇاڪاڻ تہ ايف ايف سي اهو واحد ادارو آهي جيڪو گھگھر ۽ ٻين ديهي علائقن ۾ صحت ۽ تعليم جا مرڪز قائم ڪرڻ سان گڏ غريب شاگردن کي اسڪالرشپ به مهيا ڪري ٿو۔ پاڪستان ۾ ايف ايف سي اهو ادارو آهي جيڪو غريب ماڻهن جي صحت ۽ تعليم تي خاص ڌيان ڏئي ٿو، ۽ اسان کي بريگيڊيئر عمران حيدر شيرازي جهڙي غريب دوست آفيسر تي فخر آهي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
فوجي فرٽيلائزر ڪمپني
ملير ۾
سونا فٽبال ڪپ
ffc
0 تبصرے