English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ميمڻ ڳوٺ گٽر جي گندي پاڻي ۾ ٻڏل، علائقو واسي پريشانين جو شڪار
views
|
03rd Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ناليون اٿلڻ ۽ صفائي سٿرائي نه ٿيڻ سبب رهواسي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور، نوٽيس وٺڻ جو مطالبو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) يو سي مراد ميمن، گڏاپ ٽائون جي علائقي ميمن ڳوٺ سميت مختلف پاڙن بروھي ، جاموٽ ، غفور بستي، بلوچ ، باريچا ۽ ٻين گوٺن ۽ جون گهٽيون ، رستا ۽ گهر گٽر جي گندي پاڻي سان ڀرجي ويا آهن. برسات جو پاڻي اڃا تائين مرڪزي بازار ۾ بيٺل آهي، جنهن سبب اچڻ وڃڻ ۾ شديد ڏکيائي پيش اچي رهي آهي علائقي واسين جو چوڻ آهي ته گندي پاڻي ۽ بدبودار ماحول سبب ساهه کڻڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي. گهرن جون عورتون مجبور ٿي احتجاج ڪري رهيون آهن ۽ پنهنجن گهرن مان گٽر جو پاڻي ڪڍرائڻ لاءِ سرڪاري اختيارين کي بار بار منت سماجت ڪري رهيون آهن علائقي جي ماڻهن يوسي مراد ميمن جي وائيس چيئرمين تي سخت تنقيد ڪندي الزام لڳايو آهي ته هن سڄي ڳوٺ کي گندگي جي ڍير ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. رهواسين موجب هو چونڊن وقت برادري ۽ ذات پات جون ڳالهيون ڪري ووٽ وٺي ٿو پر عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڪا به ذميواري نٿو نڀائي شهرين جو چوڻ آهي ته يوسي ۽ گڊاپ ٽائون جا ترقياتي فنڊ ۽ اسڪيمون هڙپ ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته ماڻهو گٽر جي گندي پاڻي ۾ عذاب جي زندگي گذاري رهيا آهن. علائقي ۾ مليريا، دست، هيپاٽائيٽس، خارش ۽ ٻين موذي بيمارين تيزي سان پکڙجڻ لڳيون آهن، جنهن سان ماڻهن جون زندگيون خطري ۾ اچي ويون آهن.علائقي واسين وزيراعليٰ سنڌ، وزير بلديات، چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ڪميشنر ڪراچي کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته ميمن ڳوٺ ۽ ٻين محلن جي فوري صفائي ڪرائي وڃي ۽ ڪرپٽ وائيس چيئرمين خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ميمڻ ڳوٺ گٽر
ملير
0 تبصرے