English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاڳ ٻار تحريڪ گهگهر پاران تربيتي ڪلاس جو 200ھون ڪلاس پورو ٿيڻ تي جشن ملھايو ويو
86 views
|
26th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
يونٽ صدر سھيل ميراڻي، شعبان رند، حليمان رند، عائشه، سميرا،پرک سومرو ۽ ٻين پاران پروگرام منعقد
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سجاڳ ٻار تحريڪ گهگهر يونٽ گھگھر ۾ ھلندڙ تربيتي ڪلاس جو 200ھون ڪلاس پورو ٿيڻ تي سومرا ھائوس تي جشن ملھايو جنهن کي يونٽ صدر سھيل ميراڻي، جنرل سيڪريٽري شعبان رند،جوائنٽ سيڪريٽري حليمان رند، عائشه، سميرا،پرک سومرو،صمد ۽ ٻين اڳواڻن آرگنائيز ڪيو.پروگرام ۾ عوامي تحريڪ ضلعي ملير جي صدر پرھ سومرو، سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري زوھيب ڪلمتي،عوامي تحريڪ جي سينئر اڳواڻ شاني سومرو،سنڌياڻي تحريڪ يونٽ گھگھر ڦاٽڪ جي صدر زاھدا نواز گھنڃو،سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ساک سنڌو،سنڌياڻي تحريڪ جي ڀيڻ حورالنساء ميراڻي، ناديا ميراڻي، افسانا زھراڻي، خوشي ميراڻي، سينئر فائن آرٽس استاد سڪندر جوڳي خصوصي شرڪت ڪئي.200 تربيتي ڪلاس پورا ٿيڻ جي جشن ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ جي ٻارڙن، انقلابي گيت پيش ڪيا ،گيت،ٽيبلوز،ليڪچر، تقريرون ۽ خاڪا پيش ڪيا ويا، ان موقعي تي شاني سومري چيو ته تسلسل سان ھي ڪلاس ھلائڻ محنت جو ڪم آھي جنھن لاءِ ھن ڪلاسز ھلائڻ جي سرپرست پرھ سومرو کي واڌايون ھجن، سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ زوھيب ڪلمتي چيو ته مونکي ٻارڙن جي تربيٿ ڏسي بيحد خوشي ٿي رھي آھي، واقعي چئي سگھجي ٿو ته ھي سجاڳ ٻار آھن،اسين پڻ تربيتي ڪلاسز سان اسرندڙ ڪارڪن آھيون،ادي زاھدا نواز گھنڃو چيو ته اڄ جيڪڏھن قائد رسول بخش پليجو زندھ ھجي ھا ته ھي انقلاب ۽ تربيت ڏسي بيحد خوش ٿئي ھا، ادي حورالنساءَ ميراڻي پڻ ٻارن کي مبارڪون ڏنيون،سجاڳ ٻار تحريڪ يونٽ گھگھر ڦاٽڪ جي صدر سھيل ميراڻي جو چوڻ ھو ته مان پھرين ترٻيتي ڪلاس کان ھنن ڪلاسز جو حصو رھيو آھيان اڄ ان ئي يونٽ جو صدر پڻ آھيان مونکي بيحد خوشي ٿي رھي آھي،ساک سنڌو چيو ته، مان ھنن ڪلاسز جي 2020 کان حصو رھي آھيان يقينن ٻارڙن جي ھھڙي تربيت ڪرڻ ساراھ جوڳو عمل آھي،ناليواري آرٽسٽ سڪندر جوڳي تقرير ۾ چيو ته تربيتي ڪلاسز سان ٻارن ۾ خوداعتمادي پيدا ٿئي ٿي ۽ ھن گھر کي يونيورسٽي چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ۽ علائقي جي ماڻھن کي پنھنجن ٻارن جي سکيا لاءِ ھنن ڪلاسز ۾ شرڪت ڪرائڻ گھرجي،پرھ سومرو چيو ته منھنجي لاءِ خوشي جھڙي ڳالھ آھي ته اڄ 200 ڪلاس مڪمل ٿي چڪا آھن، ھي ڪلاس سخت گرمي ،سخت سيءَ ،مينھن جھڙن ۾ ھيسيتائين جو سلسلو جاري رکندا آيا آھن،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سجاڳ ٻار تحريڪ گهگهر
0 تبصرے