English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ منشيات جي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو
117 views
|
23rd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جمعيت علماءِ اسلام پاران ڊي سي آفيس مڪلي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
ٺٽو( شفيق ڀٽي)ضلعي ٺٽي ۾ وڌندڙ بدامني، ڦرن، چورين، منشيات، آئيس ۽ ٺري شراب جي سرعام وڪري، آبادگارن کي سارين جو گھٽ ريٽ ملڻ، ڊٻل ٽول ٽيڪس جي غيرقانوني وصولي، اسپتالن ۾ علاج جي اڻلڀي، سرڪاري ادارن ۾ ڳري رشوت ۽ زرعي زمينن جي کاتن ۾ وڏي پيماني تي هيراڦيري خلاف جمعيت علماءِ اسلام ضلع ٺٽو پاران ڊي سي آفيس مڪلي آڏو هڪ وڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔مظاهري جي اڳواڻي ضلعي امير مولانا عبدالوھاب بلوچ صاحب ڪئي، جڏهن ته ان موقعي تي مولانا محمد سليم عاطف، مولانا غلام نبی خشک مولانا شمس الدين شورو،محمد حسین بلوچ، مولانا محمد حسن ٺينگو، جناب يعقوب تنيو، مولانا شڪيل احمد چانڊيو سميت ضلعي، تحصيلي اڳواڻ ۽ ڪيترائي ڪارڪن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ مظاهري ۾ شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي نعرا هنيا ۽ ضلعي انتظاميا کان فوري نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو۔ احتجاج دوران اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ضلعي ٺٽو بدامني، منشيات ۽ انتظامي ناڪاميءَ جو مرڪز بڻجي ويو آهي، جتي نه صرف امن امان تباهه ٿي چڪو آهي پر عوام جو روزگار ۽ معاشي صورتحال پڻ سخت متاثر ٿي آهي۔ اسپتالن ۾ دوائون ناهن، مريضن جو ڪو پرسان حال ناهي، سرڪاري آفيسن ۾ رشوت کانسواءِ ڪو ڪم نٿو ٿئي، ۽ زرعي زمينن جي ريڪارڊ ۾ وڏي سطح تي هيراڦيري جاري آهي۔ اڳواڻن چيو ته آبادگارن کي سارين ۽ ٻين فصلن جا اگھ انتهائي گھٽ ڏنا پيا وڃن، جنهن ڪري هاري طبقو معاشي تباهيءَ جي ڪناري تي آهي۔ ٻئي طرف، ٽول پلازائن تي ٻيھر ٻيھر ٽيڪس وٺڻ سان مسافر ۽ ڪاروباري ماڻهو به شديد پريشان آهن مولانا عبدالوھاب بلوچ،۽ مولانا محمد سليم چانڊيو، خطاب ۾ چيو ته جيڪڏهن حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا فوري طور تي امن امان جي بحالي، منشيات جي روڪٿام، سرڪاري ادارن ۾ اصلاح ۽ آبادگارن لاءِ رليف جا قدم نه کنيا ته جمعيت علماءِ اسلام ٺٽو احتجاجي تحريڪ جو دائرو وڌائي ڇڏيندي اڳواڻن آخر ۾ مطالبو ڪيو ته بدامنيءَ جي خاتمي، منشيات جي روڪٿام، سرڪاري ادارن مان ڪرپشن جي صفائي، ۽ آبادگارن کي سندن فصلن جا مناسب اگھ ڏيڻ لاء فوري قدم کنيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
حيدرآباد لاءِ تعليم کاتي ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ سنڌ ۾ ميرپورخاص لاءِ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس سنڌ ۾ لاڙڪاڻي لاءِ انيڪ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هنڱورجا واسي نوجوان دبئي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت، سندس مڙهه اڄ ملتان آڻڻ جو امڪان
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير پوليس پاران وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد سميت ملير جي مختلف علائقن ۾ لاؤڊ اسپيڪر جو استعمال ، رهواسين جي زندگي عذاب بڻجي ويئي
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران روپوش جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو
جمعيت علماءِ اسلام پاران
0 تبصرے