English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي ماڻهن وٽ پر امن جدوجھد کان سواءِ ٻيو رستو ناهي: اياز لطيف پليجو
49 views
|
29th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
پاڻي تي ڌاڙي، بدامني، ڪارپوريٽ فارمنگ ڪرپشن، ڏوھن، ميريٽ جي لتاڙ خلاف جدوجهد جاري رهندي
حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو سڀاڻي (اڄ) ٺٽو ۾ يوٿ ڪانفرنس ۾ مھمان خاص طور شرڪت ڪندو.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي ماڻهن وٽ پر امن جدوجھد کان سواءِ ٻيو رستو ناهي، پاڻي تي ڌاڙي، بدامني، ڪارپوريٽ فارمنگ ڪرپشن، ڏوھن، ميريٽ جي لتاڙ، زرعي فصلن جا گھٽ اگھ ملڻ، منشيات، افغانين سميت ڌارين جي آبادڪاري خلاف قومي عوامي تحريڪ پاران سڄي سنڌ ۾ جدوجھد ڪندي.اياز لطيف پليجي آهي تہ پنجاب ۽ پختونن جو مڊل ڪلاس ۽ ڪروڙپتي مقابلي جي ميدان ۾ آھن، سنڌ جو مڊل ۽ اپر ڪلاس رڳو فيسبڪ تي تبصرن لاء تيار آھي. جيستائين پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ سنڌ حڪومت اقتدار تي قابض رھندي تيستائين سنڌ خوشحالي نٿي حاصل ڪري سگھي. ھارين، مزدورن طبقي کي سمجھڻو پوندو تہ موجوده سنڌ حڪومت وٽ انھن جي ترقي ۽ خوشحالي بدران تباھي جو منصوبو آھي. پيپلزپارٽي ۽ ڪرپٽ حڪمرانن سنڌ کي غلام بنائڻ لاءِ جھالت، غربت ۽ منشيات مسلط ڪري ڇڏي آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ ھن وقت سڀ کان وڌيڪ سنڌ مسئلن جي گھيري ۾ آھي، سنڌ جا ماڻھو بکيا ڪونہ آھن، سڀ وسيلا سنڌ ۾ 72 سيڪڙو گيس، 59 سيڪڙو پيٽرول، وڏي بندرگاھ، ڪارونجهر جپسم، گرينائيٽ سنڌ وٽ، ڪوسٽل بيلٽ سنڌ وٽ، دنيا جو ڇھون نمبر وڏي ۾ وڏو ڪوئلي جو ذخيرو سنڌ وٽ آھي، انھن سڀني وسيلن جي ھوندي انڊر اٽيڪ سنڌ آھي.ھن دور ۾ سنڌ مسئلن ۾ گھيريل آھي سڄي سنڌ جي عوام کي پنھنجي سياسي پارٽين ۽ قيادتن سان گڏ بيھڻو پوندو. صرف سوشل ميڊيا تي ڌائڻ سان، مايوسي ۽ ڊپريشن پکيڙڻ سان مسئلا حل ڪون ٿيندا. عارضي ۽ ايڊھاڪ واري سياست ڇڏي ڊگهي ۽ دائم واري سياست جو رستو اختيار ڪرڻو پوندو.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي ھٿ وٺي غربت ۽ بدحالي جي کڏ ۾ اڇلايو ويو آھي. زرعي تباھي جي ڪري سڀ کان وڌيڪ غربت ۽ بيروزگاري جنم ورتو آھي. سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت سنڌ جي عوام کان مڪمل لاتعلق آھن. ڪرپٽ حڪمرانن جي ايجنڊا صرف پئسي جي ڦرلٽ آھي. جنھنڪري سنڌ ۾ سرڪاري اسپتالون موت جو گھر آھن. اسڪولن ۽ ڪاليجن جي حالت رحم جوڳي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي اقتدار جي حوس خاطر سنڌ دشمن فيصلا ڪري رھي آھي، سنڌ سرڪار جي سنڌ دشمن فيصلن جي ڪري سنڌ گھڻ رخي مسئلن ۾ جڪڙيل آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
قومي عوامي تحريڪ جو سربراهه
0 تبصرے