نوشھرو فيروز(ڊ ر)صوفي بزرگ مير محمد لوڙھائي جي 29 هين سالياني عرس مبارڪ جون ٻه روزا تقريبون اڄ کان شروع ٿي ويو سنڌ جي مشهور صوفي بزرگ مير محمد لوڙھائي جي 29 هين سالياني عرس مبارڪ جون تقريبون اڄ کان شروع ٿي ويون ، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان عقيدتمند جي اچڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو درگاهه لوڙھو شريف جي انتظامن جو جائزو وٺندي درگاهه جي ولي عهد ۽ الفقراء جماعت جي سرپرست اعلى فقير علي مرتضى لوڙھائي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته عرس مبارڪ جي شروعات اڄ درگاهه جي گادي نشين فقير شهاب الدين لوڙھائي پاران درگاهه تي چادر چاڙهي ڪئي ويندي. جڏهن ته عرس جون تقريبون ٻه ڏينهن ڇنڇر ۽ آچر تائين جاري رهنديون،خصوصي دعا آچر جي ڏينهن گھري ويندي جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪنڊ مان عقيدتمند وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا ٻئي طرف ايس ايس پي جي حڪم موجب ڪمالديرو سب ڊويزن ڊي ايس پي سميت قانون لاڳو ڪندڙن ادارن سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪري ڇڏيا
0 تبصرے