English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهرو فيروز ۾ڊويزنل ڪمشنر شهيد بينظير آباد شهمير خان ڀٽو جي صدارت هيٺ اجلاس
122 views
|
15th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
مورو کان راڻي پور تائين نيشنل هاءِ وي جي تعمير بابت ٿيل اجلاس ۾ ڊي سي محمد ارسلان سليم ۽ ٻيا به شريڪ
نوشهرو فيروز(ڊ ر)ڊويزنل ڪمشنر شهيد بينظير آباد شهمير خان ڀٽو جي صدارت هيٺ مورو کان راڻي پور تائين نيشنل هاءِ وي جي تعمير بابت هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو ۔ اجلاس کي خطاب ڪندي ڊويزنل ڪمشنر شهمير خان ڀٽو لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته ھن قومي منصوبي کي مقرر وقت اندر مڪمل ڪن ، جيئن عوام کي بهتر سفري سهولتون مهيا ٿي سگهن ۽ خراب روڊ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان کان بچي سگهجي۔ هن تعميراتي ڪم جي سست رفتاري تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي لاڳاپيل عملدارن کي ڪم تيزي سان مڪمل ڪرڻ جون سخت هدايتون ڏنيون ھن لاڳاپيل اختيارين کي ھدايت ڪئي تہ ھر پنجن ڪلوميٽرن جي روڊ مڪمل ڪرڻ بعد ٻين پنجن ڪلوميٽرن جو ڪم شروع ڪيو وڃي تہ جيئن ٽريفڪ ۽ سيڪورٽي جا مسئلا نہ ٿين ۽ ماڻھن کي بھتر سفري سهولتون فراهم ٿي سگھن . ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر نوشهرو فيروز محمد ارسلان سليم چيو ته نيشنل هاءِ وي جي تعمير جو ڪم سست رفتاري سان هلي رهيو آهي، جنهن کي فوري طور تي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته دير سبب روزانو حادثا ٿي رهيا آهن جن ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ سان گڏ مالي نقصان به ٿي رهيو آهي ۔ ان موقعي تي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي جنرل مينيجر محمد حسين شاهه ، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر غلام مرتضيٰ سمائر ، عمران احمد شيخ، ايس ايس پي موٽروي پوليس عابد ، ايس ايس پي نوشهرو فيروز مير روحل خان کوسو ، ايڊيشنل ڪمشنر ون نوشھرو فيروز صدام حسين ميمڻ ، ايڊيشنل ڪمشنر ون شهيد بينظير آباد سيد عمار حسين شاهه ، چائنا ريلوي 6 گروپ جا انجنيئر ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي۔ اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته ايشيائي ترقياتي بينڪ (ADB) جي سهڪار سان لڳ ڀڳ 40 ارب روپين جي لاڳت سان مورو کان راڻي پور تائين 86 ڪلوميٽر ڊگهي نيشنل هاءِ وي جي تعمير جاري آهي، جيڪو منصوبو چائنا ريلوي سڪس گروپ طرفان ٻن سالن ۾ سيپٽمبر 26 تائين مڪمل ڪيو ويندو . ان موقعي تي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي پروجيڪٽ اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو تہ اسان پنهنجي وسيلن ۾ رهي ڪري ڪم رھيا آھيون ڪجھ ٽيڪنيڪل مسئلا آھن ھن پڪ ڏياري تہ ڪم جي رفتار کي بھتر ڪيو ويندو جيئن ٽريفڪ جي رواني برقرار رهي ۽ عوام کي گهٽ ۾ گهٽ تڪليف پيش اچي۔ اجلاس دوران ايس ايس پي موٽروي پوليس چيو ته موٽروي پوليس جو نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۽ چيني ڪمپني سان مڪمل سهڪار جاري آهي۔ هن ٻڌايو ته موٽروي پوليس جا آفيسر ۽ اهلڪار مسلسل پئٽرولنگ ڪري رهيا آهن، جيئن ٽريفڪ جام نه ٿئي ۽ ڪنهن به امڪاني حادثي کان بچي سگهجي۔ ايس ايس پي نوشهرو فيروز روحل خان کوسو چيو ته مختلف هنڌن تي ٽريفڪ جام سبب روڊ حادثا پيش اچن ٿا۔ هن چيو ته ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ موٽروي پوليس، ٽريفڪ پوليس ۽ سنڌ پوليس جا جوان گڏيل طور پئٽرولنگ ڪري رهيا آهن تہ جيئن ٽريفڪ جي رواني کي يقيني بڻائي سگھجي ۔ هن وڌيڪ چيو ته ٽريفڪ جام ٿيڻ جي صورت ۾ سيڪيورٽي جا خدشا به وڌي وڃن ٿا، جنهن سبب عوام کي وڌيڪ مسئلا پيش اچن ٿا۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
سندھ میں بارشوں کا سلسلہ، مختلف اضلاع میں نظامِ زندگی متاثر
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ سمائل ويلفيئر فاؤنڊيشن طرفان 400 کان وڌيڪ ٻارن کي مفت عيد شاپنگ ڪرائي وئي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊويزنل ڪمشنر شهيد بينظير آباد شهمير خان ڀٽو
نوشهرو فيروز ۾ڊويزنل ڪمشنر
0 تبصرے