احمد گوندر صدر ۽ محمد اعجاز ڇورو کي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)جماعت اصلاح المسلمين گڏاپ 2 زون ڪراچي جي نئين تنظيمي باڊي سال 2026 لاءِ چونڊ جو عمل صوبائي باڊي سنڌ جي نگراني هيٺ ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو. چونڊ ۾ احمد گوندر صدر ۽ محمد اعجاز ڇورو کي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو جڏهن ته ڊاڪٽر امير اختر کي سينئر نائب صدر، محمد پنھل کي نائب صدر، محمد اعظم برفت کي جوائنٽ سيڪريٽري، غلام قادر جوکيو کي پريس سيڪريٽري، عنايت الله گبول کي آڊيٽر، مولا بخش گبول کي آفيس سيڪريٽري ۽ ظهور احمد جوکيو کي فنانس سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي ان موقعي تي صوبائي قيادت خطاب ڪندي چيو ته اميد آهي ته سڀ چونڊيل عهديدار ايمانداري، خلوص ۽ ذميواري سان پنهنجا فرض نڀائيندا ۽ ضلع ملير جي سمورين برانچن کي گڏ کڻي جماعت کي وڌيڪ مضبوط ۽ منظم بڻائيندا. تقريب ۾ صوبه سنڌ جي نائب صدر شهزاده وقاص، صوبائي آڊيٽر انور علي ڏاهري، جنرل سيڪريٽري خليفه سعيد احمد طاهري سميت معزز خلفاءِ ڪرام خليفه محمد ابراهيم طاهري، خليفه محمد محسن طاهري، عبدالغني پالاري طاهري، مدد علي پالاري طاهري، خليفه عطا الله مگسي، خليفه رحمت الله بروهي ۽ ٻيا علماءَ ڪرام پڻ موجود هئا. صوبائي عهديدارن جي نگراني ۾ ضلعي باڊي جي چونڊ جو عمل مڪمل ڪيو ويو
0 تبصرے