English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر ٺٽو سيده حميره بنت معاذ جي صدارت هيٺ اجلاس
194 views
|
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڊسٽرڪٽ ووٽر ايجوڪيشن ڪميٽي جي سهڪار سان ووٽ جي داخلا لاءِ استعمال ٿيندڙ فارم 21 بابت آگاهي ڏني وئي
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر ٺٽو سيده حميره بنت معاذ جي زير صدارت ڊسٽرڪٽ ووٽر ايجوڪيشن ڪميٽي جي سهڪار سان ووٽ جي داخلا لاءِ استعمال ٿيندڙ فارم 21 جي سرگرمي بابت شيو مندر ٺٽو ۾ اقليتي برادري لاءِ آگاهي اجلاس منعقد ڪيو ويو. اجلاس جو مقصد اقليتي برادري کي ووٽر لسٽن جي درستگي، نون ووٽرن جي رجسٽريشن، نالن جي اندراج، تصحيح ۽ منتقلي بابت ڄاڻ فراهم ڪرڻ هو. آگاهي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر ٺٽو چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان شفاف ۽ منصفاڻن چونڊن کي يقيني بڻائڻ لاءِ فارم 21 سرگرمي تحت پوري ملڪ ۾ آگاهي مهم هلائي رهي آهي، جنهن جو مقصد هر شهري کي پنهنجو ووٽ استعمال ڪرڻ جو حق سمجهائڻ ۽ ووٽر لسٽن ۾ ڪنهن به غلطي کي بروقت درست ڪرائڻ آهي. هن چيو ته اقليتي برادري سميت سماج جي هر طبقي جي چونڊ عمل ۾ ڀرپور شرڪت انتهائي ضروري آهي. اجلاس دوران شرڪت ڪندڙن کي فارم 21 جي اهميت، ووٽر لسٽن جي جانچ جو طريقو، نادرا رڪارڊ سان مطابقت، آن لائين ۽ آف لائين درخواستن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڊسٽرڪٽ ووٽر ايجوڪيشن ڪميٽي جي ميمبرن اقليتي برادري جي سوالن جا جواب ڏيندي عملي رهنمائي پڻ فراهم ڪئي. اقليتي برادري جي اڳواڻن آگاهي اجلاس کي ساراهيندي چيو ته اهڙيون سرگرميون کين پنهنجن جمهوري حقن کان واقف ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. هنن اميد ظاهر ڪئي ته مستقبل ۾ به اهڙا پروگرام جاري رکيا ويندا ته جيئن وڌيڪ ماڻهن کي ووٽر لسٽن بابت ڄاڻ ملي سگهي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن فارم 21 سرگرمي بابت بروشر ۽ معلوماتي مواد حاصل ڪيو، جڏهن ته ڊسٽرڪٽ اليڪشن آفيس پاران تعاون جي خاطري پڻ ڪرائي وئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊسٽرڪٽ ووٽر ايجوڪيشن ڪميٽي جي
اليڪشن ڪمشنر ٺٽو سيده حميره بنت معاذ
0 تبصرے