English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
حڪمرانن سنڌ کي سرداري نظام، وڏيرا شاھي، جرڳائي سٽم ، جو مرڪز بڻائي ڇڏيو آھي: اياز لطيف پليجو
7 views
|
02nd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجو سان سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽي جي وفد جي ملاقات
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ سربراھ اياز لطيف پليجو سان سندس رھائشگاھ تي سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽي جي وفد سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري عبدالله چانڊيو، يوسف لاشاري، ڪامريڊ غلام حسين سولنگي، حبيب الله پليجو جي اڳواڻي ملاقات ڪئي کيس سنڌي ھاري تحريڪ جي تنظيم سازي جي رپورٽ ڏني. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڳالھائيندي چيو تہ ايم آر ڊي جي تحريڪ، ڪالا باغ ڊيم، ضياء جي دور ۾ صحافين جي جدوجھد زمينن جي نيلامي سميت سنڌ جي تاريخي جدوجھدون ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو آهي. پيپلز پارٽي 18 سالن جي حڪمراني ۾ سنڌ کي سرداري نظام، وڏيرا شاھي، جرڳائي سٽم ، جو مرڪز بنائي ڇڏيو آھي. جيستائين پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ سنڌ حڪومت اقتدار تي قابض رھندي تيستائين سنڌ جا ھاري خوشحالي نہ ٿي سگھندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ اقتدار تي ڪرپٽ ۽ عوام مافيا جو قبضو آهي حڪمران طبقو بادشاھي زندگي گذاري ٿو، سنڌ سميت ملڪ جي سمورن وسيلن کي لٽيو ويو، پر ھاري مزدور، شاگرد، استاد ۽ پورھيت طبقو اڃان تائين بنيادي انساني حقن کان محروم آھن اياز لطيف پليجي چيو تہ مھانگائي تمام گھڻي وڌي وئي آھي، سنڌ جي اڪثريتي آبادي ھاري، مزدور، پورھيت، دڪاندار، ننڍو روزگار ڪندڙ ماڻھو مسلسل بدحالي طرف وڌي رھيا آھن، غربت وڌي رھي آھي، المناڪ صورتحال اھا آھي جو جن وٽ پئسو آھي اھي ماڻھو تيزي سان ٻين ملڪن ڏانھن منتقل ٿي رھيا آھن. تمام گھڻا ٽيڪس مڙھي ھر شعبي جي ماڻھو کي نپوڙيو پيو وڃي، عوامي ٽيڪس مان عوام کي تعليم، صحت سميت بنيادي سھولتون ڏيڻ بدران حڪمرانن پنھنجي زندگي بادشاھي واري بنائي ڇڏي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ عوام جو مسئلو سستي اٽو آھي، روزگار آھي، معاشي خوشحالي آھي، وفاق ۽ سنڌ ۾ ويٺل حڪمران حقيقي عوامي مسئلن تي ڪم ڪن.اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاق سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنائي ڇڏيو آھي. حڪمرانن سنڌ کي مظلوم طبقي جو قيد خانو بنائي ڇڏيو آھي. ڪرپشن، ميرٽ جي لتاڙ، مھانگائي، پاڻي، زمينن ۽ وسيلن جي ڦرلٽ وڏا مسئلا آھن. ڪنھن بہ ڪرپٽ وزير کي گرفتار نٿو ڪيو وڃي. سنڌ جي ھر ۾ منشيات ۽ ڏوھ منافعي بخش ڪاروبار بنجي ويا آھن. مرضي جا ايس ايس پيز ۽ ڊي سيز سميت انتظامي آفيسر مقرر ڪري انھن کان ذاتي مفاد حاصل ڪيا وڃن ٿا. سنڌ ۾ ٿاڻا ڪميشن تحت ھلي رھيا آھن، جنھنڪري ڪنھن بہ ضلعي ۾ امن ناھي. مزدور، ھاري ۽ پورھيت ماڻھو انصاف کان محروم آھن. سنڌ بک، بدامني ۽ بدحالي جو شڪار آھي. سنڌ جو ھاري ھڪ ويلي جي ماني لاء پريشان آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي اقتدار ۾ اچي سنڌي ماڻھن جي اميدن جي برخلاف ڪم ڪيو آھي. جمھوريت جو نعرو صرف ڏيکاء لاءِ ھنيو آھي، عملي طور عوام دشمن، ھاري دشمن، پورھيت دشمن، اظھار جي آزادي خلاف، عورتن، اقليتن ۽ انساني حقن جي خلاف ڪم ڪيو آھي. جيڪي سردار، وڏيرا، جاگيردار عوام کي نپوڙين، ۽ استحصال ڪن ٿا، انھن کي طاقتور بنايو آھي. سنڌ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني ناھي. سنڌ ۾ ڌاڙيلن ۽ جرڳائي ماڻھن جو راڄ آھي. پوليس ۽ انتظاميه ذاتي ۽ سياسي مفادن لاءِ استعمال ڪئي وڃي ٿي.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آھي. جيڪو فصل پوکيو وڃي ٿو، ان جا اگھ ڪيرايا وڃن ٿا. ڪارخانيدارن جون شيون مهانگيون ڪيون وڃن ٿيو ۽ آبادگارن جا فصل ٽڪي برابر ڪيا وڃن ٿا. اھا معاشي ناانصافي آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
حيدرآباد لاءِ تعليم کاتي ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ سنڌ ۾ ميرپورخاص لاءِ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس سنڌ ۾ لاڙڪاڻي لاءِ انيڪ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هنڱورجا واسي نوجوان دبئي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت، سندس مڙهه اڄ ملتان آڻڻ جو امڪان
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير پوليس پاران وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد سميت ملير جي مختلف علائقن ۾ لاؤڊ اسپيڪر جو استعمال ، رهواسين جي زندگي عذاب بڻجي ويئي
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران روپوش جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو سان سنڌي ھاري تحريڪ جي
مرڪزي ڪميٽي جي وفد جي ملاقات
اياز لطيف پليجو
0 تبصرے