English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ ڌار ڌار ٽريفڪ حادثا، معصوم ٻار سميت2ڄڻا فوت، هڪ نوجوان زخمي
170 views
|
08th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي مختلف علائقن ۾ پيش آيل ٻن ڌار ڌار ٽريفڪ حادثن ۾ معصوم ٻار سميت ٻه ڄڻا ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ نوجوان زخمي ٿي پيو جنهن سبب علائقي ۾ سوڳ جي فضا ڇانئجي وئي پهريون واقعو اسٽيل مل چورنگي ڀرسان پيش آيو، جتي نامعلوم گاڏي موٽر سائيڪل کي زور دار ٽڪر هنيو. حادثي جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار هڪ نوجوان موقعي تي ئي فوت ٿي ويو،جڏهن ته ٻيو نوجوان معمولي زخمي ٿيو. فوت ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ فيضان ولد اڪمل عمر 22 سال جڏهن ته زخمي نوجوان جي سڃاڻپ عرفان ولد عبدالصمد عمر 20 سال طور ٿي آهي. حادثي کان پوءِ فوتي ۽ زخمي کي فوري طور جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب حادثي جو سبب بڻجندڙ گاڏي موقعي تان فرار ٿي وئي، جنهن جي ڳولا ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.ٻيو افسوسناڪ حادثو شاهه لطيف ٽائون جي سيڪٽر 19/B ڀرسان پيش آيو، جتي تيز رفتار ٽرڪ جي ٽڪر سبب هڪ راهگير معصوم ٻار موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. فوت ٿيل ٻار جي سڃاڻپ فرحان ولد آصف عمر 13 سال طور ٿي آهي. اطلاع ملڻ تي پوليس موقعي تي پهچي ٻار جو لاش قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي. عيندي شاهدن موجب ٽرڪ تيز رفتاري سبب بي قابو ٿي ٻار کي لتاڙي نڪري ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير ۾ ڌار ڌار ٽريفڪ حادثا
edhi ambulance
0 تبصرے