English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گلشنِ حديد جا عوامي مسئلا سنگين صورتحال اختيار ڪري ويا, سول سوسائٽي تي ٻڌل سيٽيزن فورم پاران سخت ڳڻتيءَ جو اظهار
196 views
|
10th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
صفائي سٿرائي ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن: مطالبو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گلشنِ حدید فیز 1، 2 ۽ 3 جا رهواسي پاڻي، سيوريج، رستن، گيس، ٽرانسپورٽ ۽ امن و امان سميت ڪيترن ئي بنيادي مسئلن کي ور چڙهي ويا آهن. سول سوسائٽي تي ٻڌل سيٽيزن فورم علائقي جي صورتحال تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي لاڳاپيل ادارن کان فوري ۽ عملي قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي.سيٽيزن فورم موجب گلشنِ حدید ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي،جنهن سبب رهواسي مهانگا ٽينڪر خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. فورم مطالبو ڪيو آهي ته پاڻي جي فراهمي بابت هلندڙ منصوبن جي پيش رفت عوام آڏو آندي وڃي ۽ رڪاوٽون وجهندڙ عنصرن جي نشاندهي ڪري ڪارروائي ڪئي وڃي.فورم جو چوڻ آهي ته فیز 1 جي اندروني علائقن ۾ برساتی نالن جي ٽوڙ ڦوڙ سبب معمولي برسات ۾ به گهٽيون ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي وڃن ٿا. فورم نالن جي فوري بحالي، سيوريج نظام جي بهتري ۽ ٻنهي يوسيز ۾ ڪنڊي مين مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.خبر موجب غير منظم رڪشا ٽرانسپورٽ ۽ ناجائز حد خلين سبب علائقي ۾ ٽريفڪ مڪمل طور مفلوج ٿي چڪي آهي. سيٽيزن فورم حد دخلين جي خاتمي ۽ رڪشا ٽرانسپورٽ کي ضابطي ۾ آڻڻ تي زور ڏنو آهي.امن و امان جي حوالي سان فورم مطالبو ڪيو آهي ته ڀرپاسي موجود غير قانوني جهڳيون ختم ڪيون وڃن، غير قانوني رستا بند ڪيا وڃن ۽ پوليس گشت ۾ اضافو ڪيو وڃي ته جيئن ڏوهن تي ضابطو آڻي سگهجي.ان کان علاوه فورم پاران سنڌو چوڪ کان سي-116 فیز 1 تائين نئون روڊ جي تعمير ڪئي وڃي خراب رستن تي فوري پيچ ورڪ، برسات دوران گهرن ۾ پاڻي داخل ٿيڻ جي مستقل حل، سوئي گيس جي گهٽ پريشر ۽ بندش جي خاتمي، هل ٽاپ پارڪ جي تڪميل ۽ گهٽين ۾ لائوڊ اسپيڪرن جي استعمال تي پابندي جو مطالبو پڻ ڪيو ويو آهي.سيٽيزن فورم گلشنِ حدید جي مسئلن جي مستقل حل لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرز تي ٻڌل گڏيل ڪميٽي قائم ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گلشنِ حديد جا عوامي مسئلا سنگين ص
0 تبصرے