English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جاويد احمد ڏاھري جي صدارت هيٺ اجلاس
181 views
|
12th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون عمرڪوٽ جاويد احمد ڏاھري جي صدارت هيٺ رمضان المبارڪ دوران مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ پرائس ڪنٽرول بابت اهم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي دربار ھال ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرز ، مختيارڪار، پرائس ڪنٽرول مجسٽريٽس، فوڊ انسپيڪٽرز، مارڪيٽ ڪميٽي عملدارن، اطلاعات کاتي سميت ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي۔ اجلاس دوران ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون کي رمضان المبارڪ لاءِ تيار ڪيل پرائس لسٽن، مارڪيٽن جي مانيٽرنگ، ۽ ذخيره اندوزي خلاف ڪارروائيون ڪرڻ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي۔ ان موقعي تي اي ڊي سي ون ھدايتون ڏيندي چيو ته روزاني بنيادن تي سبزيون، ميوا، گوشت، ڪڻڪ جو اٽو، چانور، کنڊ، گيهه ۽ ٻين اشيا جي اگهن جي نگراني ڪئي وڃي ۽ سرڪاري ريٽ لسٽس تي سختي سان عمل ڪرائڻ لاءِ ٽيمون جوڙي ڇڏيون آهن۔ ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون جاويد احمد ڏاھري چيو ته رمضان المبارڪ ۾ ناجائز منافع خوري، ذخيره اندوزي ۽ سرڪاري اگهن کان وڌيڪ اگهه وٺڻ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو۔ هن چيو ته پرائس ڪنٽرول مجسٽريٽس روزانو مارڪيٽن جو دورو ڪري ريٽ لسٽن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائن ۽ خلاف ورزي ڪندڙ دوڪاندارن خلاف جرمانا، چالان ۽ قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي۔ ھن وڌيڪ چيو ته هر تعلقي ۾ خاص ڪنٽرول روم قائم ڪيا وڃن ته جيئن عوام پنهنجون شڪايتون درج ڪرائي سگهي۔ شڪايتن تي فوري ڪارروائي ڪري عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي۔ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون اهو پڻ هدايت ڪئي ته يوٽيلٽي اسٽورز ۽ سستي بازارن تي به ضروري شيون مناسب اگهن تي وافر مقدار ۾ موجود هجن ته جيئن عام ماڻهو کي آساني ملي سگهي۔ اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته رمضان دوران روزاني ڪارڪردگي رپورٽ تيار ڪري ضلعي انتظاميا کي پيش ڪئي ويندي، جڏهن ته مارڪيٽن ۾ صفائي سٿرائي ۽ ٽريفڪ جي رواني کي به يقيني بڻايو وڃي۔ ان موقعي تي روز مره جي شين جا نوان ريٽ مقرر ڪيا ويا جنھن ۾ دال 200، اٽو 120 في ڪلو، کنڊ 140، چانور 325، بيسڻ 400، ڌاڻا 450، مرچ 550، ڳڙ 170، گوشت ٻڪر 1900 في ڪلو، وڏو گوشت 1050 روپيا في ڪلو ۽ ٻين شين جا اگھ پڻ مقرر ڪيا ويا۔ آخر ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون چيو ته ضلعي انتظاميا جو مقصد عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون
0 تبصرے