English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ پاران ريلي ۽ ڌرڻو
198 views
|
16th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سول اسپتال ۾ مريضن کي ڪي به سهولتون نٿيون ڏنيون وڃن: اڳواڻ
ٺٽو( شفيق ڀٽي) جيئي سنڌ قومي محاذ ٺٽو جي طرفان سول اسپتال ٺٽو جا انتظام سنڀاليندڙ مرف اين جي او جي مبينا بدانتظامي، ڪرپشن ۽ عوام کي بھتر سهولتون فراهم نه ڪرڻ خلاف پبلڪ پارڪ مڪلي کان هڪ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي۔ ريلي جي اڳواڻي ضلعي صدر غلام نبي کھٽي، مرڪزي اڳواڻ محسن انعام سيال، محمد علي شيخ ۽ مالڪ بروهي ڪئي۔ ريلي سول اسپتال مڪلي جي پارڪنگ واري هنڌ تي پهچي ڌرڻي ۾ تبديل ٿي وئي، جتي شرڪت ڪندڙن مرف خلاف سخت نعريبازي ڪئي۔ ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته مرف جي انتظام هيٺ هلندڙ ٺٽو جي سڀني اسپتالن ۾ مريضن کي ڪو به رليف فراهم نه پيو ڪيو وڃي، ۽ “مفت علاج” جي دعوائن باوجود مختلف مدن ۾ ڳريون فيسون وصول ڪيون پيون وڃن۔ هنن چيو ته جڏهن صحت کاتو دعويٰ ڪري ٿو ته سرڪاري اسپتالن ۾ ڪا به فيس وصول نه ڪئي ويندي آهي، ته پوءِ سول اسپتال ٺٽو ۽ ٻين مرف جي ماتحت صحت مرڪزن ۾ مختلف طريقن سان مريضن کان رقم ڇو ورتي پئي وڃي؟ اڳواڻن الزام لڳايو ته الٽراسائونڊ، ايڪسري ۽ معمولي نوعيت جي ٽيسٽن لاءِ به مريضن کان پئسا وٺڻ معمول بڻجي چڪو آهي، جڏهن ته سول اسپتال کي ڪروڙين رپين جو بجيٽ جاري ڪيو وڃي ٿو۔ هنن چيو ته سرڪاري دوائن جا ڪنٽينر اچن ٿا پر اهي مريضن تائين نٿا پهچن، جيڪو مرف جي انتظامي نااهلي جو چٽو ثبوت آهي۔ جسقم ٺٽو جي اڳواڻن چيو ته اڄ جو احتجاج رڳو هڪ وارننگ آهي ته مرف فوري طور پنهنجا معاملا درست ڪري، بدانتظامي ختم ڪري ۽ مريضن کي علاج جون ضروري سهولتون فراهم ڪري۔ هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن مطالبن تي سنجيده قدم نه کنيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ ساڳئي وقت قانوني ڪارروائي پڻ عمل ۾ آندي ويندي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽي ۾ جيئي سنڌ قوم
0 تبصرے