English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير واسي جو جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ ضمير حاجاڻو تي الزام
275 views
|
22nd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ضمير حاجاڻو کي پلاٽ وڪڻيو هو، 2لک 25 هزار رهتون نٿو ڏئي: آفتاب شاهه
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جو شهري قومپرست پارٽي جي اڳواڻ خلاف پريس ڪلب پهچي ويو، ضمير حاجاڻو کي پلاٽ وڪرو ڪيم ڏيڍ سال گذرڻ باوجود 2 لک 25 هزار رهت ادا نٿو ڪري مسلسل انتظار ڪرڻ بعد مجبور ٿي ميڊيا ذريعي پارٽي اڳواڻ کي دانهن ڏيڻ لاءِ پريس ڪلب پهتو آهيان، جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين رياض چانڊيو پنهنجي ڪراچي ڊويزن جي صدر ضمير حاجاڻو کي هدايت ڪري ته مون غريب جا رهت پيئسا فوري واپس ڪري ٻي صورت ۾ احتجاجي بک هڙتال ڪندس، سيد آفتاب شاھ جي عوامي پريس ڪلب ملير ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس تفصيل موجب : ملير جي شهري ۽ يوسف عارفاڻي ڳوٺ جي رهواسي سيد آفتاب شاھ عوامي پريس ڪلب ملير پهچي هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته مون پنهنجو پلاٽ 2 سال اڳ جيئي سنڌ محاذ ڪراچي جي صدر ضمير حاجاڻو کي 6 لک روپين ۾ وڪرو ڪيو جنهن مان هن قسطن ۾ ٿورا ٿورا ڪري هيستائين 3 لک 75 هزار ڏنا آهن جڏهن ته اڃان تائين 2 لک 25 هزار رهت آهن جن جي ادائيگي لاءِ مسلسل آسرا ڏيئي رُلائي رهيو آهي ڏيڍ سال انتظار ڪرڻ کانپوءِ بي وس ۽ مجبور ٿي ميڊيا ذريعي قومي اڳواڻ رياض چانڊيو کي دانهن ڏيڻ آيو آهيان ته ڪراچي جو صدر جيڪو اسان جي عزتن،وسيلن جو رکوالو آهي تنهن قومي سياست ڪرڻ بدران اسان جي ملڪيتن تي قبضو ڪرڻ، خريد ڪيل پلاٽن جي رقم ادا نه ڪرڻ جا ڪم ڪري نه رڳو قومي سياست پر پارٽي کي به بدنام ڪيو آهي هن چيو ته آئون غريب پورهيت ماڻهو آهيان فوري طور منهنجا رهت پيئسا ادا ڪرايا وڃن جيڪڏهن منهنجي اپيل طرف ڌيان نه ڏنو ويو ته آئون مجبور ٿي ملير جي چڱن ماڻهن، برادرين ڏانهن دانهن کڻي ويندس ۽ مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال تي ويهي احتجاج ڪندس.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي ڳوٺ سمون خان چنو واسڻ عورت ستن مھينن کان پراسرار نموني گم
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ھيلايا جي ڳوٺ حاجي جعفر ھيلايو واسي استاد جو احتجاج
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي نوشھروفيروز جي صدارت ھيٺ ممتا پروگرام بابت اجلاس
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مهانگائي ۽ پيٽرول ليوي خلاف جماعت اسلامي جا ڌرڻا، قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ ضمير حاجاڻو تي الزام
0 تبصرے