English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت پاران عهدي جي چارج سنڀالڻ بعد تعارفي گڏجاڻي منعقد
112 views
|
26th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
سرمد علي ڀاڳت ضلعي جي سمورن سرڪاري کاتن جي عملدارن سان تعارفي گڏجاڻي ڪئي
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت پنهنجي عهدي جو چارج سنڀالڻ بعد ضلعي جي سمورن سرڪاري کاتن جي عملدارن سان تعارفي گڏجاڻي منعقد ڪئي. گڏجاڻي ۾ ضلعي جي اهم کاتن جي سربراهن ۽ عملدارن شرڪت ڪئي، جنھن ۾ ايس ايس پي فاروق احمد بجاراڻي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام دستگير شيخ، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر صفدر علي شاهه، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري حضور بخش خاصخيلي، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري نور سرائي، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر خدا بخش بهراڻي سميت آبپاشي، لائيواسٽاڪ، ورڪس سروسز، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، هائي وي، پي پي ايڇ آءِ، ريسڪيو 1122، اطلاعات، مرف، اوقاف، لوڪل گورنمينٽ سميت ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سمورن کاتن جي عملدارن پنهنجي پنهنجي کاتن جي ذميوارين، ڪارڪردگي، جاري ترقياتي ڪمن ۽ درپيش مسئلن بابت ڊپٽي ڪمشنر کي تفصيلي آگاهي ڏني. ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته ضلعي جي ترقي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ سمورن کاتن جو گڏيل ڪردار انتهائي اهم آهي. هن چيو ته صحت ۽ تعليم سندس اولين ترجيح هوندي ۽ انهن شعبن ۾ بهتري آڻڻ لاءِ عملي قدم کنيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته عوام کي گهربل بنيادي سهولتن جي فراهمي، جاري ترقياتي منصوبن جي شفاف نموني تڪميل ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ ضلعي انتظاميا هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته هر عملدار هميشه هڪ ئي هنڌ مقرر نٿو رهي پر جيترو وقت هو جتي به ذميواري نڀائي، اتي اهڙو ڪم ڪري وڃي جو علائقي جي ترقي، عوامي ڀلائي ۽ سٺي ڪارڪردگي سبب عوام ۽ تاريخ کيس سٺن لفظن ۾ ياد رکي. هن عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو ميدان ۾ موجود رهن، عوام سان سڌو رابطو رکن ۽ مسئلن جي حل لاءِ ذميواري ۽ ايمانداري سان ڪم ڪن. ان موقعي تي ايس ايس پي فاروق احمد بجاراڻي چيو ته ٺٽو هڪ پرامن ضلعو آهي، جتي امن امان جي صورتحال مڪمل طور ضابطي ۾ آهي. هن چيو ته ننڍن ڏوهن خلاف قانون موجب ڪارروائي جاري آهي، جڏهن ته سنگين ڏوهن جي شرح گهٽ آهي. ايس ايس پي وڌيڪ چيو ته ضلعي ۾ سماجي برايون جهڙوڪ گٽڪو، مائو ۽ ڪچو شراب هڪ چئلينج آهن، جن جي روڪٿام لاءِ پوليس طرفان روزاني جي بنيادن تي ڪارروائيون جاري آهن ۽ مستقبل ۾ به اهي مهمون جاري رهنديون. آخر ۾ ڊپٽي ڪمشنر سمورن کاتن جي عملدارن تي زور ڏنو ته هو گڏيل سهڪار سان ڪم ڪندي ضلعي ٺٽي کي ترقي، امن ۽ خوشحالي جي راهه تي اڳتي وڌائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻن، ضلعي انتظاميا پاران ساڻن سئو سيڪڙو تعاون ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
سندھ میں بارشوں کا سلسلہ، مختلف اضلاع میں نظامِ زندگی متاثر
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ سمائل ويلفيئر فاؤنڊيشن طرفان 400 کان وڌيڪ ٻارن کي مفت عيد شاپنگ ڪرائي وئي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت پاران
0 تبصرے