English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: گلشن حديد مان ڇهين درجي جي شاگردياڻي پراسرار نموني گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ
211 views
|
25th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گلشن حدید مان ڇهين ڪلاس جي 13 ورهين جي شاگردياڻي پراسرار نموني گم ٿيڻ بعد علائقي ۾ خوف ۽ ڳڻتي جي لهر ڇانئجي وئي آهي، جڏهن ته وارثن معصوم نينگري جي اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي اعليٰ اختيارين کان فوري نوٽيس وٺي بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي۔ گلشن حدید جي رهواسي آغا وحيد پٺاڻ جي 13 ورهين جي ڌيءَ طيبه، جيڪا ڇهين ڪلاس جي شاگردياڻي ٻڌائي پئي وڃي، شام لڳ ڀڳ 7 وڳي گهران ويجهي دڪان تان سامان وٺڻ لاءِ نڪتي پر واپس نه موٽي۔ وارثن ۽ پاڙي وارن نينگري جي ڳولا شروع ڪئي پر ڪٿي به پتو نه پئجي سگهيو۔ نينگري جي گمشدگي بعد وارثن اسٽيل ٽائون ٿاڻي پهچي نامعلوم ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪرايو، جڏهن ته پوليس شڪ جي بنياد تي زيب پٺاڻ کي گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا شروع ڪري ڇڏي آهي۔ان موقعي تي نينگري جي والد آغا وحيد پٺاڻ صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سندس ڌيءَ معمول موجب شام جو دڪان تان چپس وٺڻ لاءِ وئي هئي، پر اڃان تائين واپس نه موٽي آهي۔ هن چيو ته هو هڪ پورهيت ماڻهو آهي ۽ ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي، جنهن سبب کيس خدشو آهي ته سندس معصوم ڌيءَ کي اغوا ڪيو ويو آهي۔ والد وڌيڪ چيو ته گهر ۾ ڪهرام متل آهي ۽ سمورا گهر ڀاتي سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن۔ هن سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي ملير کان اپيل ڪئي ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي نينگري جي جلد بازيابي کي يقيني بڻايو وڃي۔هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته نينگري جي ڳولا لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن ۽ گرفتار ٿيل ڄڻي کان به جاچ جاري آهي، جڏهن ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي۔علائقي واسين پڻ خدشو ظاهر ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته نينگري کي جلد کان جلد بازياب ڪرائي وارثن جي بيچيني ختم ڪئي وڃي ۽ واقعي ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Aug 2026
•
تازہ ترین
عمرڪوٽ ۾ حضرت امام حسينؑ جي چهلم وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ھزارين عزادارن جي شرڪت
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
04th Aug 2026
•
تازہ ترین
عمرڪوٽ ۾ حضرت امام حسينؑ جي چهلم وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ھزارين عزادارن جي شرڪت
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
پريالوءِ ٿاڻي جي حد ۾ سڱاوتي تڪرار تان نوجوان مارجي ويو
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: ابراهيم حيدري پوليس ھٿان منشيات جي الزام ھيٺ عورت گرفتار
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ ڪربلا جي شھيدن جي چھلم بابت ماتمي جلوس برآمد ۽ مجلسون برپا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
وارثن پاران اغوا جو شڪ
ملير: گلشن حديد مان ڇهين درجي
0 تبصرے