English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ نامياري تعليمدان، ڪهاڻيڪار، شاعر آصف قريشي جي ٽئين ورسي ملهائي وئي
197 views
|
27th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ ڪلچرل فورم ضلعي ٺٽو پاران مڪلي ۾ آصف قريشي جي آخري آرامگاهه تي حاضري ڀري ڀيٽا پيش
ٺٽو (ڊ ر)نامياري تعليمدان، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ سماج سڌارڪ سائين آصف علي قريشي جي ٽين ورسي جي موقعي تي سنڌ ڪلچرل فورم ضلعي ٺٽو پاران مڪلي ۾ سندس آخري آرامگاهه تي گلن جي چادر چاڙهي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي۔ ان موقعي تي سنڌ ڪلچرل فورم جي باني چيئرمين صادق لاکو، سينيئر وائيس چيئرمين محمد شريف جاکرو، وحدت نيٽ ورڪ جي سرواڻ محمد ابراهيم هيجب، ايس آر ڊي ايس جي صدر قادر بخش اوٺو ۽ ٻين ساڃاهه وندن چيو ته آصف علي قريشي سنڌي ٻولي، ادب ۽ فنون لطيف جي ميدان ۾ هڪ متحرڪ ڪردار رهيو۔ هن “سارنگ سودائي” جي نالي سان بهترين ڪهاڻيون لکڻ سان گڏ معياري شاعري پڻ ڪئي۔ هنن وڌيڪ چيو ته مرحوم ٺٽو ۽ سجاول ضلعن ۾ تعليم، ادب ۽ سماجي شعور جي واڌاري لاءِ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ ذاتي طور هڪ نفيس، بلند اخلاق ۽ ٻين جي همت افزائي ڪندڙ شخصيت جو مالڪ هو۔ ان موقعي تي نوجوان شاعر ڪاشف علي قريشي چيو ته سائين آصف علي قريشي هن خطي ۾ تعليم ۽ ادب لاءِ نمايان ڪم ڪيو، جڏهن ته سنڌ ڪلچرل فورم پاران هر سال ورسي ملهائڻ قابلِ تحسين عمل آهي۔ تقريب ۾ ٻين سميت شهزاد علي لاشاري، دادا رمضان خاصخيلي، لطيف صادق ۽ شهباز علي جاکرو پڻ شرڪت ڪئي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي ڳوٺ سمون خان چنو واسڻ عورت ستن مھينن کان پراسرار نموني گم
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ھيلايا جي ڳوٺ حاجي جعفر ھيلايو واسي استاد جو احتجاج
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي نوشھروفيروز جي صدارت ھيٺ ممتا پروگرام بابت اجلاس
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مهانگائي ۽ پيٽرول ليوي خلاف جماعت اسلامي جا ڌرڻا، قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽي ۾ نامياري تعليمدان، ڪهاڻيڪار، ش
شاعر آصف قريشي جي ٽئين ورسي ملهائي وئي
0 تبصرے