English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
حيدرآباد ۾ قتل ٿيل پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻ ڪاشف باغي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ عمرڪوٽ ۾ احتجاج
162 views
|
27th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ڪاشف باغي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سامارو کان عمرڪوٽ پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ٻه هفتا اڳ حيدرآباد ۾ گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪيل شهيد ڀٽو اڳواڻ ڪاشف باغي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب عمرڪوٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، سامارو کان وڏي انگ ۾ ماڻهن ريلي ڪڍي عمرڪوٽ پريس ڪلب آڏو پهچي سخت نعريبازي ڪندي انصاف جو مطالبو ڪيو، مظاهري ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ لال مالھي، ليکراج مالھي، يونس چانڊيو، امان الله، بابو قائم خاني، اورنگزيب قائم خاني، محمد عظيم خاصخيلي، سميت ٻين ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻه هفتا گذرڻ باوجود به ڪاشف باغي جي قتل ڪيس ۾ جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس ڪارروائي ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آهي، ھنن الزام هنيو ته حيدرآباد جي بلڊر آفاق ۽ وليد فاروقي ڪاشف باغي کي گوليون هڻي قتل ڪيو، پر پوليس کين گرفتار ڪرڻ بدران بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، مظاهرين وڌيڪَ چيو ته جيڪڏهن جلد قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته هو جونيئر ذوالفقار ڀٽو جي ڪال تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائيندا، هنن حڪومت ۽ پوليس کان مطالبو ڪيو ته فوري طور جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪاشف باغي جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي، مظاهرو پرامن نموني سان ختم ٿيو، جڏهن ته مظاهرين انصاف ملڻ تائين جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدرآباد ۾ قتل ٿيل پ پ شهيد ڀٽو ج
اڳواڻ ڪاشف باغي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ عمرڪوٽ ۾ احتجاج
0 تبصرے