English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
باقراڻي جي ڪچي ۾ ماءُ ڌيءَ قتل، سندن لاش سنڌو درياءَ ۾ اڇلايا ويا
219 views
|
09th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڳوٺ شادن جتوئي ۾ علي حيدر جتوئي پنهنجي بيواهه ڀاڄائي شاهده ۽ سندس ڌيءَ 19 ورهين جي نغما کي قتل ڪيو
باقراڻي(رپورٽر) جوابدار پنهنجي بيواھ سئوٽ ۽ سندس ڌي کي قتل ڪري سنڌو درياهه ۾ لاش اڇلائي ڇڏيا، پوليس ڳولا بعد لاش دريا مان ڪڍي ورتا، ڪيس داخل.... باقراڻي تعلقي جي شھيد الاهي بخش سيال ٿاڻي جي حد جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ شادن جتوئي ۾ مبينا گهرو اڻبڻت تان پيش آيل افسوسناڪ واقعي ۾ جوابدار علي حيدر جتوئي مبينا طور پنهنجي سئوٽ 45 ورهين جي بيواهه عورت مسمات شاهده خاتون ۽ سندس 19 ورهين جي ڌي مسمات نغمه خاتون کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪرڻ بعد سندن لاش سنڌو درياهه ۾ اڇلائي ڇڏيا، واقعي جو ڪيس شھيد الاهي بخش سيال ٿاڻي تي مقتولا شاهده خاتون جي سئوٽ مسمات حاڪم خاتون جتوئي جي فرياد تي جوابدار علي حيدر جتوئي خلاف داخل ڪيو ويو آهي، فريادڻ پنهنجي بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته جوابدار مقتولين سان گڏ رهندو هو ۽ ماني دير سان پچائڻ واري معاملي تان ڪاوڙجي هن بيواهه ڀاڄائي شاهده خاتون ۽ ڀائٽي نغمه خاتون کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيو، جڏهن ته موقف اهو به ڄاڻايو آهي ته جوابدار ٻنهي کي هوٽل تي ماني کارائڻ جي بهاني وٺي وڃي قتل ڪيو، هوڏانهن شھيد الاهي بخش سيال پوليس موجب واقعو پيش اچڻ بعد جوابدار ٻنهي عورتن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ۽ لاش درياهه ۾ اڇلايو، پوليس ڪارروائي ڪندي ڳولا بعد ٻنهي مقتول عورتن جا لاش سنڌو درياهه مان ڪڍرائي پوسٽ مارٽم لاءِ ڏوڪري اسپتال منتقل ڪيا آهن، پوليس موجب جوابدار خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ويو آهي ۽ سندس گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي۔اايس ايس پي جي نوٽيس بعد پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
باقراڻي جي ڪچي ۾ ماءُ ڌي
0 تبصرے