نوشهروفيروز ۾ جوڙي پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو، تحفظ جي گهر

سهانا مخدوم ۽ انيس مشوري جسٽس آف پيس جي عدالت ۾ پرڻو ڪيو

نوشهروفيروز ۾ جوڙي پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو، تحفظ جي گهر

نوشهرو فيروز (ڊر)درٻيلو جي ڳوٺ مخدوم الهرکيو جي رهواسڻ سهانا مخدوم نوشهروفيروز جي رهواسي انيس احمد مشوري سان نوشهرو فيروز جي جسٽس آف پيس جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو۔ ناري سهانا مخدوم ڳالهائيندي چيو ته مون 13 اپريل تي پنهنجي رضا خوشي سان نوشهرو فيروز جي ڳوٺ جسڪاڻي جي رهواسي انيس احمد مشوري سان شريعت محمدي مطابق نوشهرو فيروز جي جسٽس آف پيس جي عدالت ۾ شادي ڪئي آهي مان گهران صرف ٽن ڪپڙن ۾ نڪتي هيس پسند جي شادي ڪرڻ جي ڪري منهنجا مائٽ نظر محمد مخدوم۔ منظر مخدوم۔ بدرالدين مخدوم۔ منير احمد مخدوم۔ وقار مخدوم۔ گلزار مخدوم۔ زوهيب مخدوم۔ صدا مخدوم ۽ ٻيا جان جا ويري بڻجي ويا آهن ان ڪري اسان دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهيون منهنجا مائٽ مختلف برادرين جي ڏوهاري ماڻهن وسيلي منهنجي مڙس انيس احمد سندس والد مشتاق مشوري کي موتمار ڌمڪيون ڏيڻ سان گڏ مونکي مارڻ جو ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ کين چئي رهيا آهن ته مون کي واپس ڪيو وڃي جڏهن ته اسان زال مڙس هن شادي مان خوش آهيون اسان جي جانن کي خطرو آهي اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي جيئن اسان پنهنجي مرضي سان سڪون جي زندگي گذاري سگهون هنن اعلا اختيارين سميت ايس ايس پي نوشهرو فيروز مير روحل کوسو ۔ ايس ايڇ او نوشهرو فيروز۔ ايس ايڇ او ٺاروشاه کي تحفظ ڏيڻ جي اپيل ڪئي