English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عوامي پريس ڪلب ملير ۾ اسٽڊي سرڪل، صحافت ادب ۽ سياست جي لاڳاپي تي علمي ويهڪ
141 views
|
21st Apr 2026
•
سنڌي خبرون
پندرهن وار اسٽڊي سرڪل ۾ قومي انقلابي شاعر سيد غفور شاه تقوي خاص مهمان طور شرڪت ڪئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) عوامي پريس ڪلب ملير جي مومن مليرائي لائبريري ڪميٽي پاران پندرهن وار اسٽڊي سرڪل منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ قومي انقلابي شاعر سيد غفور شاه تقوي خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته صدارت ريڊيو ڪمپيئر سڪندر سرواڻ ڪئي۔اسٽڊي سرڪل دوران "صحافت، ادب ۽ سياست جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو" جي موضوع تي تفصيلي ۽ فڪري بحث ڪيو ويو، جنهن ۾ صحافين، اديبن، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ شرڪت ڪندڙن علمي، تحقيقي ۽ مدلل انداز ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو۔ان موقعي تي سيد غفور شاه تقوي چيو ته ادب سماج جو عڪس هوندو آهي، جڏهن ته سياست سماج جي واٽ جو تعين ڪندي آهي، ان ڪري ادب، صحافت ۽ سياست جو پاڻ ۾ گهرو لاڳاپو آهي، جن کي الڳ نٿو ڪري سگهجي۔ هن چيو ته صحافت سماج جي مسئلن کي اجاگر ڪري ٿي جڏهن ته ادب انهن مسئلن کي فڪري ۽ تخليقي انداز ۾ پيش ڪري ٿو۔صدارت ڪندڙ سڪندر سرواڻ چيو ته سماج جي سڌاري لاءِ صحافت، ادب ۽ سياست جو گڏيل ڪردار انتهائي اهم آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ٽئي شعبا عوامي شعور کي بيدار ڪرڻ ۾ بنيادي حيثيت رکن ٿا۔ اسٽڊي سرڪل ۾ اصغر مهرائي، امرتا ڏاهري، قمبر ٻٽ، عنايت شاه، طارق جان سهتو، سامي ميمڻ، جمشيد زهراڻي، ساقي ارشاد لورڙ، شاه محمد شاه سميت ٻين پڻ خيالن جو اظهار ڪيو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته صحافت، ادب ۽ سياست هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن ۽ سماج جي تعمير ۾ گڏيل ڪردار ادا ڪن ٿا۔آخر ۾ شرڪت ڪندڙن اهڙين علمي ۽ ادبي ويهڪن کي جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن نوجوان نسل ۾ علمي شعور پيدا ڪري سگهجي ۽ سماجي سڌارن لاءِ مثبت فضا پيدا ٿئي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عوامي پريس ڪلب ملير ۾ اسٽڊي سرڪل
0 تبصرے