مورو واقعو ڪيس: ملزمن جي ضمانتن تي فيصلو ملتوي

لنجار هائوس ساڙڻ واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن جون ضمانتون منظور نه ٿيون

مورو واقعو ڪيس: ملزمن جي ضمانتن تي فيصلو ملتوي

نوشهرو فيروز(ڊ ر)مورو واقعو ڪيس: ملزمن جي ضمانتن تي فيصلو ملتوي، تفصيل موجب ڏهه مهينا اڳ مورو ۾ صوبائي وزير داخله ضياء الحسن لنجر جي گهر کي ساڙڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ملزمن جون ضمانتون منظور نه ٿي سگهيون. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج امير علي مهيسر جي عدالت ۾ ضمانتن جي درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت ايندڙ ٻڌڻي جي تاريخ 8 مئي مقرر ڪري ڇڏي. ڪيس جي فريادي دوست علي سولنگي عدالت ۾ پيش ٿي اٺ گرفتار ملزمن جي ضمانتن تي ڪو به اعتراض نه ڪيو، جڏهن ته وڪيل ايڊووڪيٽ محمد اياز مري پڻ ان جي تصديق ڪئي. گرفتار ملزمن جي وڪيل گلزار عالماني عدالت تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي درخواست داخل ڪئي، پر عدالت ان تي فيصلو ڏيڻ بدران ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. وڪيلن موجب اڄ عدالت ۾ مجموعي طور 21 ملزمن جي ضمانتن جي منظوري جي استدعا ڪئي وئي هئي. ڪيس جي فريادي دوست محمد سولنگي طرفان صوبائي وزير جي مبينا معافي واري بيان کي پڻ عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو۔