English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پيروسڻ: کرڙاهه شهر مان اغوا ٿيل ٻارڙِي جو تشدد ٿيل لاش هٿ، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو
194 views
|
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
انيسا ڌيءَ حيات ڦل جو ڇهن ڏينهن بعد مکڻ خان لاشاري واري علائقي مان ٻني مان لاش مليو
پيروسڻ(رپورٽر )پيروسڻ ڀرسان کرڙاھ شھر مان 6 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل معصوم 6 سالا نينگري انيسا ڦل جو مکڻ خان لاشاري ويجھو زرعي زمين مان تشدد ۽ تذليل ٿيل لاش هٿ، وارثن جو مھراڻ ھاءِ وي تي پيروسڻ ٿاڻي آڏو نينگريءَ جو مڙھ رکي ڌرڻو. جڏھن تہ پيروسڻ ڀرسان 6 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل معصوم نينگري انيسا ڌيءُ حيات ڦل جو تشدد ٿيل لاش مکڻ خان لاشاري جي علائقي ۾ زرعي زمين مان تشدد ۽ تذليل ٿيل لاش هٿ آيو اطلاع موجب نينگري کي بي درديءَ سان قتل ڪرڻ بعد لاش زمين ۾ لڪايو ويو هو، جيڪو اڄ خفيا اطلاع تي هٿ آيو. واقعي جي خبر پکڙجڻ شرط علائقي ۾ خوف ۽ ڏک جي لهر ڇانئجي وئي، جڏهن ته وارثن ۽ ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ گڏ ٿي مھراڻ ھاءِ وي تي پيروسڻ ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو. مظاهرين نينگري جي والد حيات ڦل، ارشاد ڦل، غلام رسول ڦل، لالا غفار ڦل اياز ڦل زاھد ڦل، زوھيب ڦل ۽ ٻين مظاھرين قاتلن جي فوري گرفتاري ۽ نينگري کي انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو.پوليس موجب واقعي جي جاچ جاري آهي ۽ جوابدارن جي ڳولا لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، جڏهن ته اختيارين جو چوڻ آهي ته جلد جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، جڏھن ته آخري حد تائين مھراڻ ھاءِ وي روڊ تي ڌرڻو ۽ احتجاجي مظاھرو جاري رھيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي ڳوٺ سمون خان چنو واسڻ عورت ستن مھينن کان پراسرار نموني گم
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ھيلايا جي ڳوٺ حاجي جعفر ھيلايو واسي استاد جو احتجاج
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي نوشھروفيروز جي صدارت ھيٺ ممتا پروگرام بابت اجلاس
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مهانگائي ۽ پيٽرول ليوي خلاف جماعت اسلامي جا ڌرڻا، قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
پيروسڻ
ٻارڙِي جو تشدد ٿيل لاش هٿ،
انيسا ڌيءَ حيات ڦل جو ڇهن ڏينهن بعد مکڻ
0 تبصرے