English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عوامي پريس ڪلب ملير طرفان ڪتابن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو
9 views
|
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
تقريب ۾ علم، ادب ۽ ثقافت سان لاڳاپيل شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) عوامي پريس ڪلب ملير طرفان ڪتابن جو عالمي ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، جنهن ۾ علم، ادب ۽ ثقافت سان لاڳاپيل شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ تقريب ۾ نالي واري ليکڪ محمد علي پٺاڻ جي ڪتاب "شاهه ۽ سٽ ڪهاڻيون" جي مهورتي تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي، جڏهن ته عالمي ادب جي عظيم ليکڪ شيڪسپيئر جو جنم ڏهاڙو به ڀرپور نموني سان ملهايو ويو۔تقريب ۾ محمد علي پٺاڻ، سيد خدا ڏنو شاه، پره سومرو، پروفيسر علي شير گهانگهرو، پروفيسر منصور علي، پروفيسر نعيم احمد شيخ، رياض شاهد دايو، سميت سنڌ جي اديبن، ليکڪن، دانشورن ۽ صحافين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي۔ مهمانن گڏجي ڪتاب "شاهه ۽ سٽ ڪهاڻيون" جي مهورت ڪئي، جڏهن ته وليم شيڪسپيئر جي جنم ڏهاڙي جي خوشي ۾ ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو۔ انتظاميا طرفان مهمانن کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا۔ تقريب کي خطاب ڪندي نامياري ليکڪ محمد علي پٺاڻ چيو ته سندس ڪتاب "شاهه ۽ سٽ ڪهاڻيون" دراصل شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري کي نئين ۽ تخليقي انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش آهي، جنهن جو مقصد نوجوانن کي پنهنجي ادبي ورثي سان ڳنڍڻ آهي۔ سماجي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاه چيو ته اهڙا ڪتاب سنڌي ادب ۾ فڪري سگهه وڌائين ٿا ۽ پڙهندڙن کي سوچڻ لاءِ نوان پاسا مهيا ڪن ٿا۔عوامي تحريڪ اڳواڻ پره سومرو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته "شاهه ۽ سٽ ڪهاڻيون" هڪ منفرد ادبي تجربو آهي، جيڪو مختصر لفظن ۾ وڏي فڪر کي پيش ڪري ٿو۔پروفيسر علي شير گهانگهرو چيو ته شاهه لطيف جي شاعري کي جديد انداز ۾ بيان ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي، پر ليکڪ ان کي ڪاميابي سان نڀايو آهي۔پروفيسر منصور علي چيو ته ڪتابن جو عالمي ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد سماج ۾ پڙهڻ جي عادت کي هٿي ڏيڻ آهي، جيڪو علمي ترقي لاءِ ضروري آهي۔پروفيسر نعيم احمد شيخ چيو ته جديد دور ۾ به ڪتابن جي اهميت برقرار آهي ۽ اهي انسان جي فڪري اوسر ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا۔ رياض شاهد دايو چيو ته اهڙيون ادبي تقريبون سماج ۾ مثبت تبديلي آڻڻ جو ذريعو بڻجن ٿيون ۽ نوجوانن کي علم ڏانهن راغب ڪن ٿيون۔مهمانن گڏيل طور تي عالمي اديب وليم شيڪسپيئر کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته سندس ادب صدين کان انسانيت لاءِ راهنمائي جو ذريعو رهيو آهي۔ آخر ۾ سڀني مهمانن ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو ڪتابن، علم ۽ ادب جي واڌاري لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندا۔ان موقعي تي عبدالخالق ڀٽي قومي گيت، علي مستوئي ،پروفيسر رجب ڀنڊ، سامي ميمڻ ،ڊاڪٽر اصغر ميمڻ، عنايت شاه ۽ ٻين خطاب ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: کاروڙو واري علائقي ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول شهر ۾ آمڙا ۽ لوهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عوامي پريس ڪلب ملير طرفان ڪتا
0 تبصرے