English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اسٽيل ٽائون موڙ ڀرسان نيشنل هاءِ وي تي غير قانوني ڪٽ هڻڻ سبب حادثا معمول بڻيل
13 views
|
11th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) اسٽيل ٽائون موڙ ڀرسان نيشنل هاءِ وي تي ٽي کان چار غير قانوني ڪٽ ٺاهڻ سبب ٽريفڪ جا سنگين مسئلا پيدا ٿي ويا آهن، جڏهن ته حڪومت، هاءِ وي اٿارٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي بي ڌياني ۽ غير ذميواري سبب هتي حادثا راز جو معمول بڻجي ويا آهن۔مقامي ذريعن موجب هن اهم شاهراهه تي بي ترتيب ٽريفڪ، واٽر ٽينڪرن جي وڏي تعداد ۽ هيوي ٽريفڪ جي اچ وڃ سبب صورتحال انتهائي خطرناڪ بڻجي چڪي آهي۔ شهرين جو چوڻ آهي ته انهن غير قانوني ڪٽن سبب گاڏيون اوچتو يوٽرن وٺن ٿيون، جنهن ڪري موٽر سائيڪل سوارن ۽ ٻين گاڏين لاءِ حادثن جو خطرو وڌي ويو آهي۔ان سلسلي ۾ اتي موجود ٽريفڪ اهلڪارن ٻڌايو ته اهي ڪٽ مبينا طور سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ طرفان ويجهو موجود هائيڊرنٽ تان پاڻي ڀري نڪرندڙ واٽر ٽينڪرن کي روڊ جي ٻئي پاسي موڙڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن، ته جيئن ٽينڪر آساني سان گذري سگهن۔ پر ان عمل سبب عام ٽريفڪ سخت متاثر ٿي رهي آهي۔نيشنل هاءِ وي تي سفر ڪندڙ ڊرائيورن، موٽر سائيڪل سوارن ۽ مقامي رهواسين سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته هي شاهراهه اڳ ئي ڪراچي جي مصروف ترين رستن مان هڪ آهي، پر غير قانوني ڪٽن ۽ واٽر ٽينڪرن جي وڌندڙ آمد رفت ان کي وڌيڪ خطرناڪ بڻائي ڇڏيو آهي۔ شهرين جو چوڻ آهي ته هتي روزانو حادثا پيش اچي رهيا آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ۽ فوت پڻ ٿي چڪا آهن۔متاثر شهرين حڪومت، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي انهن غير قانوني ڪٽن کي بند ڪيو وڃي، واٽر ٽينڪرن جي اچ وڃ کي منظم ڪيو وڃي ۽ ٽريفڪ جي رواني بهتر بڻائڻ لاءِ مؤثر قدم کنيا وڃن ته جيئن قيمتي انساني جاني نقصان کان بچي سگهجي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Mar 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
جنگ يا عقيدي جي جدوجهد؟ ٽرمپ ۽ نيتن ياهو جي بيانن تي عالمي بحث.؟؟
11th Mar 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ناميارو شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس صحافي -ماڻڪ ڪنگراڻي
11th Mar 2026
•
تازہ ترین
پاکستان پیپلزپارٹی کے چیئرمین بلاول بھٹو زرداری سے بنگل خان مہر اور میر بابر خان لنڈ کی بلاول ہاؤس میں ملاقات
11th Mar 2026
•
تازہ ترین
پاکستان پیپلزپارٹی کے چیئرمین بلاول بھٹو زرداری سے کراچی کے میئر مرتضی وہاب نے بلاول ہاؤس میں ملاقات
11th Mar 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
جنگ يا عقيدي جي جدوجهد؟ ٽرمپ ۽ نيتن ياهو جي بيانن تي عالمي بحث.؟؟
11th Mar 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ناميارو شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس صحافي -ماڻڪ ڪنگراڻي
11th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ايسٽ زون، انويسٽيگيشن ونگ ملير جون مختلف ڪارروائيون، ڪيترائي جوابدار گرفتار، هڪ مغوي بازياب
11th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: عدالتي ڇاپي دوران ور چوڪي مان باندي بڻايل شهري بازياب
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اسٽيل ٽائون موڙ ڀرسان نيشنل هاءِ وي تي
0 تبصرے