English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گهگهر ۾ ڦر مزاحمت دوران فائرنگ، حافظ فتح محمد بگٽي قتل
198 views
|
18th May 2026
•
سنڌي خبرون
اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ بدامني وڌي وئ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد گهگهر ۾ ڏوهن تي ضابطو نه اچي سگهيو، جتي قومي شاهراهه تي سسئي پل ڀرسان نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڀنڀو ڳوٺ واسي حافظ فتح محمد بگٽي سخت زخمي ٿي پيو۔ کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته هو زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو۔ واقعي بعد علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، جڏهن ته شهرين پاڻ کي غير محفوظ قرار ڏنو آهي۔ ياد رهي ته گذريل سال به ڦر مزاحمت دوران نوجوان عارف اتيرو قتل ٿي ويو هو، جڏهن ته هاڻوڪي واقعي کانپوءِ گهگهر ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيندڙن جو انگ پنج تائين پهچي ويو آهي۔ علائقي واسين موجب گهگهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ روزاني بنيادن تي ڦر، چوري ۽ ٻين ڏوهن جون وارداتون معمول بڻيل آهن، پر پوليس جي مبينا لاپرواهي ۽ عدم دلچسپي سبب ڪيترائي واقعا رپورٽ به ناهن ڪيا ويندا۔ شهرين ۽ مقتول جي وارثن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ گهگهر سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وڌيڪ پوليس نفري مقرر ڪري امن امان جي صورتحال بهتر بڻائي وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي ڳوٺ سمون خان چنو واسڻ عورت ستن مھينن کان پراسرار نموني گم
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ھيلايا جي ڳوٺ حاجي جعفر ھيلايو واسي استاد جو احتجاج
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي نوشھروفيروز جي صدارت ھيٺ ممتا پروگرام بابت اجلاس
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مهانگائي ۽ پيٽرول ليوي خلاف جماعت اسلامي جا ڌرڻا، قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حافظ فتح محمد بگٽي قتل
0 تبصرے