مهانگائي تمام وڌي وئي آھي،مهانگائي سبب ماڻھو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آھن: اڳواڻ
ڏوڪري(رپورٽر) سيهڙ ۾ جمعیت علماء اسلام جو مهانگائي،بدامني خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ۽ سخت نعريبازي ڪئي وئي،ان موقعي تي احتجاجي ريلي کي استاد اسلام الدين جوڻيجو،فدا حسين جوڻيجو،آفتاب چانڊيو،خادم حسين گاڏھي،علي جان چانڊيو ۽ ٻين چيو ته مهانگائي تمام وڌي وئي آھي،مهانگائي سبب ماڻھو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آھن،هنن چيو ته مهانگائي سبب اسان عيد خريداري به نه ڪري سگهيا آھيون،هنن چيو ته پئٽرول وڌڻ جي ڪري هر چيز مهانگي ٿي وئي آھي،هنن چيو ته سنڌ حڪومت ماڻھن کي خودڪشيون ڪرائيندي.باقي مهانگائي تي ڪنٽرول نه ڪرائيندي هنن چيو ته سيهڙ ڀرپاسي بدامني جي باھ برقرار بڻيل آهي،ڦرون، چوريون، ڌاڙا، اغوا، قتل روز جو معمول بڻجي ويا آهن،هنن چيو ته هن وقت مهانگائي آسمان سان ڳالهيون ڪري رهي آهي،موجوده حڪمرانن پيٽرول، گئس، بجلي سميت عام واهپي جي شين جا اگھ چوٽ چاڙهي ڇڏيا آهن، جنهن ڪري عام ماڻهو سخت مشڪلاتن سان منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويو آهي،جڏهن ته غريب مسڪين ماڻهو ٻن ويلن جي ماني کائڻ کان به محروم بڻجي ويو آهي،جنهن عمل جي جي يو آءِ سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ٿي ڪري ته وڌندڙ بدامني ۽ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي،ٻي صورت ۾ جميعت علماءِ اسلام جي پليٽ فارم تان سخت احتجاج ڪيو ويندو.
0 تبصرے