English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ڀينس ڪالوني جي سرڪاري اسڪول مان در، دريون ۽ فرنيچر چوري
157 views
|
03rd Jun 2026
•
سنڌي خبرون
چور اسڪول جا دروازا، دريون، فرنيچر، پکا ۽ ٻيو سامان گاڏي ۾ لوڊ ڪري کڻي ويا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي علائقي ڀينس ڪالوني روڊ نمبر 5 سُڪڻ ٿاڻي جي حدن ۾ قائم هڪ سرڪاري اسڪول مان نامعلوم چور اسڪول جي عمارت جو لڳ ڀڳ سمورو بنيادي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا.ان سلسلي ۾ ڊيري اينڊ ڪيٽل ايسوسيئيشن جي اڳواڻ عمر شاڪر اسڪول جو دورو ڪرائيندي ٻڌايو ته چورن اسڪول جا دروازا، دريون، ٻارن جا ڊيسڪ، ڪرسيون، بجلي جا پنکا ۽ ٻيو قيمتي سامان گاڏي ۾ لوڊ ڪري کڻي ويا. هن چيو ته چورن اسڪول جا ٻئي مکيه گيٽ به نه ڇڏيا. مقامي ماڻهن موجب مشڪوڪ سرگرمي ڏسڻ بعد هڪ گاڏي کي روڪي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، جنهن کانپوءِ معاملو منظرعام تي آيو واقعي تي علائقي ۾ سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي آهي ۽ ان کي تعليم دشمن عمل قرار ڏنو ويو آهي. مقامي رهواسين ۽ سماجي تنظيمن سنڌ حڪومت، وزير تعليم ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو فوري نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪرائي وڃي، ذميوارن کي گرفتار ڪيو وڃي، چوري ٿيل سامان واپس آندو وڃي ۽ اسڪول جي بحالي سان گڏ مستقل سيڪيورٽي انتظام پڻ ڪيا وڃن. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته هي واقعو رڳو چوري جو نه، پر ٻارن جي تعليم ۽ سندن مستقبل تي سڌو سنئون حملو آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي ڳوٺ سمون خان چنو واسڻ عورت ستن مھينن کان پراسرار نموني گم
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ھيلايا جي ڳوٺ حاجي جعفر ھيلايو واسي استاد جو احتجاج
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي نوشھروفيروز جي صدارت ھيٺ ممتا پروگرام بابت اجلاس
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مهانگائي ۽ پيٽرول ليوي خلاف جماعت اسلامي جا ڌرڻا، قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: ڀينس ڪالوني جي سرڪاري اسڪول
0 تبصرے