English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
20 views
|
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سيد جاني شاھ
نواب شاھ ضلعي مان ٽن تعلقن کي الڳ ڪري سنڌ ۾ ھڪ ٻيو نئون ضلعو نوشھرو فيروز ٺاھيو ويو ھو, تعلقو نوشھرو فيروز، تعلقو مورو ۽ تعلقو ڪنڊيارو تي مشتمل ضلعو جو بنياد وڌو ويو ھو، ضلعي جي وڌندڙ آبادي کان پوء ڀريا کي تعلقي جو درجو ڏنو ويو، ان کانپوء محرابپور کي به تعلقي جو درجو ڏنو ويو ، پوء به ساھتي ضلعي جي تقدير ته ڪو به فرق نه پيو ، نوشھرو فيروز ترقي جي دور ۾ شامل رھيو ئي نه ھو پاڪستان جي وجود کان وٺي جتوئي ڀائرن ۽ درٻيلي جي سيدن وٽ ساھتي جو پاور انهن ٻنھين ڌرين وٽ رھيو ھو، جتوئي ڀائر ايم آر ڊي تحريڪ کان پوء پ پ پ اينٽي سياست ۾ شامل رھيا ۽ درٻيلي جا سيدن ھميشه پ پ پ ۾ شامل رھيا پوء ضلعي جي صورتحال بد کان بدتر ٿيندي وئي ضلعي ۾ 72 سالن ۾ ڪو به وڏو پراجيڪٽ نه، نه ئي ڪي ترقياتي ڪم ٿيا نه ڪو تعليم جي حوالي سان ڪو ادارو قائم ٿيو، بس انتقامي سياست ۾ مخالفن لاء عذاب نازل ٿيندا رھيا، ضلعي ۾ تبديلي جو ڪو به امڪان نظر نه آيو ھو، انھي صورتحال ۾ 72 سالن جي تاريخ کي تبديل ڪري احساس محرومي کي ختم ڪندڙ ملڪي سطع تي اڀرندڙ اڳواڻ پ پ پ ايم اين اي سيد ابرار علي شاھ پنھنجي واعدي ۽ زبان جو پڪو انسان نڪتو سيد ابرار شاھ پھريون ڀيرو 2018ع واري عام چونڊن ۾ وڏي مارجن سان پ پ جي ٽڪيٽ تي ھڪ لک ٻارنھن ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو سندس مخالف اميدوار پنج ڀيرا قومي اسيمبلي جو ميمبر رھندڙ سيد ظفر علي شاھ 75 ھزار ووٽ کڻي سگھيو وري 2023ع واري عام چوندن ۾ ٻيو ڀيرو ملڪ ۾ رڪارڊ ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو سيد ابرار شاھ جي سامھون جي ڊي اي اميدوار سيد اصغر شاھ کي 80 ھزار جي ليڊ تان شڪست ڏني ٻيو ڀيرو ايم اين اي چونڊجي ويو ملڪ ۾ ايتري وڏي ليڊ تي سيد ابرار علي شاھ کٽي ويو ھو ، سيد ابرار شاھ جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوء 72 سالن کان نذرانداز ٿيل علائقن ۾ ترقياتي ڪم شروع ٿيا سيد ابرار علي شاھ اليڪشن ۾ ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ شروع ڪيو سندس پاران ڪيل واعدن تي عمل ڪندي تعلقي محرابپور ۾ ته رڪارڊ ترقياتي ڪم ٿيا، 2018ع ڪم شروع ڪرائڻ واري عام چونڊن ۾ سيد ابرار شاھ پاران پنھنجا واعده پورا ڪري ضلعي جي سياست کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو آھي، هن مني صدي جا رھيل ڪم شروع ڪري ھڪ وڏو مثال قائم ڪيو، سندس ڪيل ڪم جيڪي پاڪستان جي قيام کانپوء ٺھيا وري ڪنھن دور ۾ ٻيھر تعمير نه ٿيا ھئا سيد ابرار شاھ ترقياتي ڪمن ۽ عوام سان سندس رابطه مھم جي سلسلي جي ضلعي ۾ ھڪ وڏي سياسي تاريخ جوڙي آھي، جيڪا صدين تائين ياد رکي ويندي، ٺارو شاھ شھر جيڪو ھميشه اقتدار ڌرين جو گھر رھيو درٻيلي جا سيد ، سيد ظفر علي شاھ ، سيد اصغر شاھ ، سيد منور شاھ ڊاڪٽر سيد احمد علي شاھ جيڪي ھر دور ۾ پاور ۾ رھيا ڀريا وارو سائين سيد مراد علي شاھ به ھن تڪ تان سدا بھار ايم پي اي رھيو آ پر ڪنھن به ٺاروشاھ شھر جي ترقياتي ڪمن ۾ مالڪي نه ڪئي سيد ابرار شاھ 2018ع واري اليڪشن ۾ ٺارو شاھ ۾ عوامي جلسي ۾ واعدو ڪيو ھو، اگر مان ايم اين اي چونڊجي آيس ته منھنجي پھرين اسڪيم ٺارو شاھ کان نوشھرو فيروز روڊ واري ھوندي اليڪشن کٽڻ کان پوء سيد ابرار شاھ پھرين اسڪيم ٺارو شاھ کان نوشھرو فيروز روڊ جي ڏني جنھن جي لاڳت 55 ڪروڙ ھئي ٺارو شاھ جي عوام سان سيد جو سياسي رشتو پھريون دفعو ٿيو ھو جيڪو ھن بھترين نموني سان نڀايو جيڪو هن سهڻي نموني سان نڀائي وڏو مثال قائم ڪيو ، لاکا روڊ کان ڪنڊيارو تائين بھترين روڊ تعمير ڪرايو جنھن جي لاڳت 18 ڪروڙ ھئي سيد اھو واعدو يونين ڪائونسل نئون آباد ، سعيدپور ، لاکا روڊ ، گھانگھرا ، جي عوام سان ڪيو ھو، اھو به ھن پورو ڪري عوام جي دلين ۾ محبت ۽ پيار ۾ اضافو ڪيو جيڪو تعريف لائق ھو، خانواھڻ کان ھالاڻي نيشنل ھاء وي تائين 12 ڪلو ميٽر بھترين روڊ تعمير ڪرايو ،تنيا بقا شاھ کان باب سيد منظور حسين شاھ نيشنل ھاء وي تائين 10 ڪلو ميٽر روڊ تعمير ڪرايو، کيانتو مھيسر کان ڳوٺ ڪمال سولنگي 9 ڪلو ميٽر روڊ مڪمل ڪرايو مرزانپور کان نيشنل ھاء وي تائين روڊ تعمير ڪرايو ڍوڍا کان نيشنل ھاء وي تائين روڊن جا ڪم ڪرايا ، محرابپور کان ڪوٽڙي ڪبير تائين شاندار روڊ ڏنو ، خانواھڻ کان ڪوٽڙي ڪبير تائين روڊ ڏنو ، خانواھڻ روڊ ڦلي ، قادربخش جروار ۽ ان جي آس پاس ۾ روڊ ڏنا ، ڳوٺ ڏيوڻا کان ڳوٺ ڪوڙو سھتو تائين شاندار 10 ڪلوميٽر روڊ ڏنو ، نيشنل ھاء وي کان ڳوٺ پير وتيو تائين روڊ ڏنو ،ٽن ضلعن کي ملائيندڙ محرابپور کان حاجي ميھر ، حاجي ميھر کان اڪري تائين لاجواب روڊ ڏنو ، ٽيموڙ کان لاکا روڊ تائين روڊ ڏنو ، چوڌگي کان سعيد پور تائين لاجواب روڊ ڏنو ، ڳوٺ مختيار آباد ۽ ڳوٺ پير قائم شاھ کان محرابپور ھالاڻي لنڪ تائين روڊن جا ڪم ڏنا آھن، تعلقي ڀريا ۾ ڀريا کان ٺارو شاھ تائين روڊ ڏنو ، ورلڊ بينڪ جي معرفت ٺارو شاھ ڪنڊيارو جو شاندار روڊ ڏنو ، نوشھرو فيروز کان ڳوٺ مڇر تائين روڊ ڏنو ، ڳوٺ سومرا کان ٺارو شاھ روڊ تائين روڊ ڏنو ويو ، انھي سان گڏوگڏ ٺارو شاھ شھر ڀريا روڊ ، ڀريا ۽ محتلف يونين ڪائونسلن ۾ نالين ۽ پيور کان رڪارڊ ڪم ڪرايا آھن تعلقي ڪنڊيارو ۾ يونين ڪائونسل گھانگھرا ، محبت ديرو جتوئي ، محبت ديرو سيال ، شھمير ديرو ، درٻيلو ، سيخاڻي ، نبھندو اڄڻ جام نورالله سميت پيور ۽ نالين جا رڪارڊ ڪم ڪرايا آھن ڳوٺ بلند شاھ کان ڪنڊيارو تائين روڊ ڏنو ، تعلقي محرابپور جي يونين ڪائونسلن لاکا روڊ بھلاڻي ڪوٽڙي ڪبير نئون آباد ، ميھر حاجي ، جيئڊو راڄپر ، سعيدپور ، ديھيات ، صالح سھتو ۾ پيور بلاڪ جا لاجواب ڪم ڪرايا آھن جيڪي تاريخ جي ورقن ۾ لکڻ جھڙا آھن، پنھنجي حلقي ۾ ٻيون ڪيتريون ئي اسڪيم ڏنيون جنھن جو تصور به نه ٿو ڪري سگھجي جيڪي 72 سالن دوران مڪمل طرح سان نظر انداز ڪيل ڪم رهيل هجن، جتي عوام ۾ احساس ڪم تري جو شڪار ٿي وئي ھجي، اتي به مختلف اسڪيمون ڏنيون جيڪي ساراھ جوڳيون آھن ايجوڪيشن جي حوالي سان به سيد ابرار علي شاھ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رھيو آھي، تازو ئي ھن قومي اسيمبلي ۾ نوشھروفيروز لاء يونيورسٽي جي ٺھڻ جي گھر ڪئي ۽ وزير اعظم کي لکت ۾ درخواست ڏني آھي ، صحت جي حوالي سان سيد ابرار علي شاھ وڏو ڪم ڪري رھيو شوشل ويلفيئر نوشھرو فيروز جي چيئرمين ھئڻ ناتي سيد ابرار علي شاھ 10 ايمبولنس ڏنيون آھن ھالاڻي ۾ پي پي ايڇ آء جي ھٿ تي شاندار اسپتال تعمير ڪرائي آھي جيڪا ضلعي ۾ مثال آھي انھي ڳالھ تي غور ويچار ڪجي ته ھڪ ايم اين اي پنھنجي دور ۾ ايترو ڪم ڪري سگھي ٿو ته 78 سالن ۾ اسان جا علائقا پورو پاڪستان بلڪي پوري دنيا ۾ وڏو ترقياتي ملڪ بڻجي وڃي ھان اگر ھڪ ماڻھو سچائي سان ايترا ڪم ڪرائي سگھي ٿو ته ھر چونڊيل نمائندي ته پورو فرض آھي عوام جي تڪليفن جو تدارڪ به ڪري برحال سيد ابرار علي شاھ پنھنجا فرض پورا ڪرڻ جي ڀرپور نموني سان جيڪا ڪوشش ڪري رھيو آهي، اگر اھڙي ڪوشش ھر چونڊيل نمائيندو ڪري ته عوام پنھنجي چونڊيل نمائندن جي دلي عزت ڪندو سيد ابرار شاھ ھن وقت پيپلز پارٽي جي اھم عھدن تي ويٺل آھي قومي اسمبيلي ۾ ڊپٽي چيف وھپ آھي اسلام آباد ۾ ضلعي نوشھرو فيروز سميت سنڌ جي نمائندگي جا فرائض انجام ڏئي رھيو آھي جيڪي ساراھ جوڳا آھن. ساهتي پرڳڻي جو عوام دعاگو آهي ته مولا پاڪ هن سيد زادي جي زندگي داراز ڪري جو هتان جو شهزادو ايم اين اي ساهتي جا رهيل ڪم به مڪمل ڪرائي، جيئن ساهتي پرڳڻي جي عوام جي مڪمل مالڪي ٿي سگهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾
سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
0 تبصرے