مڪلي جي هائوسنگ سوسائٽي جي ايڪشن ڪميٽي پاران احتجاج

ڪميٽي جي چيئرمين عنايت قريشي پاڻي بحران خلاف تحريڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو

مڪلي جي هائوسنگ سوسائٽي جي ايڪشن ڪميٽي پاران احتجاج

ٺٽو(شفيق ڀٽي)هاشم آباد ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي مڪلي جي ايڪشن ڪميٽي جي چيئرمين عنايت حسين قريشي، سيد زاهد شاهه، عمران ميمڻ ۽ ڪامران ميمڻ عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڻي جي شديد بحران خلاف احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو.پريس ڪانفرنس دوران اڳواڻن چيو ته "هاڻي اسان جي صبر جو پيمانو لبريز ٿي چڪو آهي. پاڻي اسان جو بنيادي حق آهي، جيڪو هر شهري کي هر حال ۾ فراهم ٿيڻ گهرجي، پر افسوس جو ڪيترن ئي واعدن باوجود اڄ تائين مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي." هنن چيو ته ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سميت مختلف لاڳاپيل ادارن پاران پاڻي جي فراهمي بابت يقين ڏيارڻ باوجود عملي طور تي ڪو به خاطرخواهه قدم نه کنيو ويو آهي، جنهن سبب علائقي جا رهواسي سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا آهن. سندن چوڻ هو ته پاڻي کانسواءِ انسان سميت ٻين جاندارن جي زندگي مشڪل بڻجي وڃي ٿي، جڏهن ته هاشم آباد سوسائٽي گذريل ڪافي عرصي کان پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ خاص طور تي گذريل ٽن مهينن دوران صورتحال انتهائي سنگين ٿي چڪي آهي. هنن الزام لڳايو ته موجوده سوسائٽي چيئرمين بنيادي مسئلن جي حل ۾ سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ بدران خاموش تماشائي بڻيل آهي ۽ رهواسين کي درپيش مسئلن جي خاتمي لاءِ ڪو به مؤثر ڪردار ادا نه ڪري رهيو آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پاڻي جي بحران بابت ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو اجلاس پڻ طلب ڪيو هو ۽ علائقي جي دوري جو اعلان به ڪيو ويو هو، پر ان اعلان کي ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود نه ضلعي انتظاميا ۽ نه ئي ڪنهن لاڳاپيل اداري جي عملدار علائقي جو دورو ڪيو آهي. هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن انتظاميا فوري طور تي پاڻي جي فراهمي بحال ڪرائڻ لاءِ عملي قدم نه کنيا ته رهواسي روڊن تي نڪري سخت احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيندا، جنهن جي سموري ذميواري ضلعي انتظاميا ۽ لاڳاپيل ادارن تي عائد ٿيندي.