جمال الدين زئور جي ڳوٺ تي پوليس چڙهائي جي مذمت ڪريون ٿا: اڳواڻ
سجاول(رپورٽر)جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) سجاول جي طرفان جمعيت علماءِ اسلام ٽنڊو محمد خان جي اڳواڻ مولانا جمال الدين زئورجي جي ڳوٺ تي پوليس جي مبينا بلاجواز چڙهائي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري کي خطاب ڪندي مولانا محمد انور سومرو، مولانا غلام حسين ميمڻ، مولانا عبدالرزاق کٽي ۽ مولانا اشرف ميمڻ چيو ته ايس ڊي او واپڊا ٽنڊو محمد خان سياسي اثر رسوخ استعمال ڪندي پوليس اهلڪارن کي ساڻ ڪري ڳوٺ حاجي حاڪم زئورجي تي چڙهائي ڪئي، جنهن دوران چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو. هنن چيو ته واپڊا اختيارين جو موقف هو ته ڳوٺاڻن تي بجلي جا بل رهيل آهن، جڏهن ته حقيقت ۾ ان ڳوٺ ۾ ڪافي عرصي کان بجلي جي فراهمي ئي موجود ناهي. اڳواڻن الزام لڳايو ته بنا جواز اهڙي ڪارروائي ڪري ڳوٺاڻن کي هراسان ڪيو ويو. مقررِين مطالبو ڪيو ته ايس ڊي او واپڊا ٽنڊو محمد خان خلاف فوري طور ايف آءِ آر داخل ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ذميوارن خلاف قدم نه کنيا ويا ته جمعيت علماءِ اسلام مولانا جمال الدين زئور سان هر قسم جي جدوجهد ۾ گڏ بيهندي ۽ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
0 تبصرے