نوشهروفيروز ۾ هڪ ڏينهن جي مفت طبي ڪيمپ قائم

ڪيمپ سڪينه ويلفيئر ٽرسٽ ۽ هيو فائونڊيشن پاران لڳائي وئي

نوشهروفيروز ۾ هڪ ڏينهن جي مفت طبي ڪيمپ قائم

نوشهروفيروز(ڊر)سڪينه ويلفيئر ٽرسٽ نوشهرو فيروز ۽ هيو فائونڊيشن پاڪستان جي سهڪار سان، ڊاڪٽر بلال احمد خانزاده (نيورولوجسٽ، ماهر دماغي بيمارين جا ڪنسلٽنٽ) جي نگراني هيٺ پير محلي نوشهرو فيروز ۾ هڪ روزه مفت ميڊيڪل ڪيمپ منعقد ڪئي ويئي .ڪيمپ دوران مريضن جو مفت طبي معائنو ڪيو ويو، جڏهن ته کين مفت دوائون، سروائيڪل ڪالر، بيلٽ ۽ هيٽنگ بوتلون پڻ فراهم ڪيون ويون. علائقي جي وڏي انگ ۾ ماڻهن ڪيمپ مان فائدو حاصل ڪيو ۽ اهڙي فلاحي ڪوششن کي ساراهيو.