ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) بڀنس ڪالوني روڊ نمبر 7 تي واقع ڊاڪٽر عباس فيڪٽري ۾ لڳل سولر سسٽم ۾ اوچتو باهه ڀڙڪي اٿي جيڪا ڏسندي ڏسندي شدت اختيار ڪري وئي اکين ڏٺن شاهدن موجب باهه شروعات ۾ سولر پينلز ۽ بجلي جي اوزارن تائين محدود هئي جيڪا بعد ۾ پکڙجي فيڪٽري جي ٻين حصن تائين وڌي ويئي اطلاعن موجب سولر سسٽم جي لڳائڻ دوران ويلڊنگ جي ڪندي چڻنگون نڪرڻ سبب هيٺ موجود مينهن جو چارو سڙي ويو جيڪو تيزي سان پکڙجي سولر پليٽن تائين پهچي ويو واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، جڏهن ته فيڪٽري ۾ موجود عملي پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر باهه جي شدت مسلسل وڌندي رهي ۽ پري کان دونهون ۽ شعلن جا ڪڪر نظر اچڻ لڳا ريسڪيو ۽ فائر بريگيڊ جون گاڏيون موقعي تي پهچي ويون آهن ۽ باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪارروائي جاري هئي ابتدائي طور تي فيڪٽري جي هڪ حصي کي نقصان پهچڻ جون اطلاع ملي جڏهن ته صورتحال کي مڪمل طور تي ڪنٽرول ڪرڻ جون ڪوششون جاري هيون اختيارين موجب باهه لڳڻ جي اصل سبب جي تصديق ناهي ٿي سگهي، پر ابتدائي طور شارٽ سرڪٽ يا ويلڊنگ دوران فني غفلت کي ممڪن سبب قرار ڏنو پيو وڃي. علائقي واسين وڌيڪ فائر ٽينڊرز ۽ امدادي ٽيمن کي فوري طور تي موڪلڻ جو مطالبو ڪيو آهي ته جيئن باهه وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪي سگهجي.
0 تبصرے