English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گهوڙاٻاري ۾ منشيات جي وڪري ۽ صحافي سان بدتميزي خلاف ور شهر ۾ ڌرڻو
30 views
|
18th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
منشيات جي وڪري ۽ صحافي عبدالله چانڊيو سان بدتميزي خلاف سياسي سماجي مذهبي واپاري ۽ شهري تنظيمن پاران ريلي ڪڍي وئي
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)گهوڙاٻاري تعلقي ۾ مبينا طور منشيات جي واپار، پوليس جي مبينا سرپرستي ۽ صحافي عبدالله چانڊيو سان ڪوريج دوران پيش آيل بدتميزي واري واقعي خلاف صحافين، سياسي، سماجي، مذهبي، واپاري ۽ شهري تنظيمن جي سڏ تي ور شهر ۾ وڏي احتجاجي ريلي ۽ مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ۾ سوين ماڻهن شرڪت ڪري منشيات جي خاتمي، صحافين جي تحفظ ۽ ذميوار اهلڪارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو. احتجاجي ريلي رورل هيلٿ سينٽر ور کان شروع ٿي، جنهن ۾ مختلف سياسي، سماجي ۽ مذهبي تنظيمن جا اڳواڻ، ڪارڪن، صحافي، استادن، واپارين ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي شهر جي مختلف رستن تان گذرندي گهوڙاٻاري اسٽاپ تي پهتي، جتي هڪ وڏي احتجاجي مظاهري جي صورت اختيار ڪئي وئي. مظاهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي پوليس خلاف نعريبازي ڪندا رهيا ۽ منشيات جي خاتمي لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو. مظاهري کي خطاب ڪندي جسقم ضلعي صدر غلام نبي کٽي، عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر رزاق چانڊيو، جي يو آءِ ضلعي جنرل سيڪريٽري مولانا سليم عاطف چانڊيو، اهل سنت والجماعت جي اڳواڻ مولانا عبدالحميد چانڊيو، گسٽا اڳواڻ قاسم شاهه ڏاتاري، عوامي تحريڪ تعلقي صدر الله بخش ٻروچ، صحافي پيرل پياسي، صحافي عبدالله چانڊيو، صحافي سيد امير شاهه ڀاڏائي ۽ ٻين چيو ته گهوڙاٻاري تعلقي ۾ منشيات جو ڪاروبار ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي، جنهن سبب نوجوان نسل تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪو آهي. هنن چيو ته تعلقي جي مختلف علائقن ۾ منشيات کلي عام وڪرو ٿي رهي آهي، جنهن خلاف شهرين ۽ صحافين طرفان بار بار آواز اٿاريو ويو آهي، پر لاڳاپيل ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن. مقررین چيو ته منشيات جي ڪاروبار خلاف رپورٽنگ ڪندڙ صحافين کي مختلف طريقن سان هراسان ڪيو پيو وڃي هنن چيو ته صحافي عبدالله چانڊيو جڏهن منشيات بابت ڪوريج ڪري رهيو هو ته مبينا طور ڪجهه پوليس اهلڪارن نه صرف ساڻس بدتميزي ڪئي پر سندس ڪيمرا پڻ کسيو، جيڪو انتهائي افسوسناڪ عمل آهي. هنن چيو ته اهڙا واقعا صحافتي آزادي تي سڌو سنئون حملو آهن ۽ آزاد صحافت کي دٻائڻ جي ڪوشش طور ڏٺا پيا وڃن. مقررین وڌيڪ چيو ته صحافين جو ڪم عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ سچ سامهون آڻڻ آهي، پر جيڪڏهن صحافين کي پنهنجي فرض جي ادائيگي دوران ڌمڪيون ڏنيون وينديون ۽ سندن سامان کسيو ويندو ته اهو جمهوريت ۽ اظهار جي آزادي لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندو. هنن مطالبو ڪيو ته صحافين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ سندن پيشاورانه ذميوارين جي ادائيگي ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ برداشت نه ڪئي وڃي. احتجاج ڪندڙ اڳواڻن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث ڄاڻايل اي ايس آءِ منور پليجو ۽ اي ايس آءِ آفتاب جلباڻي کي فوري طور هٽائي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ جيڪڏهن هو ڏوهي ثابت ٿين ته سندن خلاف سخت قانوني ۽ کاتيداري ڪارروائي ڪئي وڃي. هنن چيو ته جيڪڏهن اعليٰ اختيارين معاملي جو نوٽيس نه ورتو ته احتجاج جو دائرو گهوڙاٻاري کان وڌائي سڄي ضلعي تائين پهچايو ويندو. مظاهري ۾ شرڪت ڪندڙن منشيات جي واپار جي مڪمل خاتمي، صحافين جي تحفظ، قانون جي بالادستي ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ فوري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته نوجوان نسل کي منشيات جي لعنت کان بچائڻ رياست ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بنيادي ذميواري آهي. احتجاج ۾ شهر جي معززين رئيس الله بخش رحيمداد چانڊيو، جان محمد رونجهو، رئيس عبدالله خان چانڊيو، مولوي رياض چانڊيو، سيد انور شاهه ڀاڏائي، نصرالله چانڊيو، محمد يعقوب تنيو، نديم تنيو، ماستر لطيف ٻروچ، اسحاق ملاح، سردار موسيٰ چانڊيو، نياز خشڪ، صحافي شهزاد ملاح، صحافي عبدالغني ڪاتيار، آفتاب گنبو، خدا بخش بلوچ، ارشاد ملاح، صحافي ابراهيم خشڪ، وزير سنڌي، هارون چانڊيو، حفيظ هنڱورو، هادي بخش بروهي، شوڪت بلوچ، صحافي بابو هنڱورجو، رحيم ملاح، صحافي نعمان خواجه، صحافي مرتضيٰ چانڊيو، لالچند مائيسري، سڌير مائيسري، ارجن مائيسري، لڌو مائيسري، غني شيخ ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.!
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گهوڙاٻاري ۾ منشيات جي وڪري ۽ صحافي
0 تبصرے