مٺي ۾ ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ عزاداري ۽ مجلسن جو سلسلو جاري

مٺي ۾ ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ عزاداري ۽ مجلسن جو سلسلو جاري

مٺي (رپورٽر) ٿر جي شهر مٺي ۾ محرم الحرام جي حوالي سان مجلسن ۽ عزاداريءَ جو سلسلو پوري عقيدت ۽ احترام سان جاري آهي. ان سلسلي ۾ مٺي ۾ هندو برادري پاران هڪ خاص مجلس جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ هندو برادري جي ماڻهن توڙي مقامي عزادارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مجلس ۾ مولانا فدا حسين يزداني ، علامه عبدالرشيد محسني ڪربلا جي شھيدن جي قرباني جي اهميت بيان ڪئي. انهي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هندو برادري جي نوجوانن ڪلديپ مالهي ، ڪندن ۽ ٻين چيو ته ڪربلا جي شهيدن حق ۽ سچ جي بقا لاءِ جيڪا عظيم قرباني ڏني، اها پوري انسانيت لاءِ هڪ اعليٰ ۽ لازوال مثال آهي. هنن وڌيڪ چيو ته ٿرپارڪر صديون پراڻي مذهبي رواداري ۽ ڀائيچاري جو امين علائقو آهي، جتي سڀني مذهبن جا ماڻهو هڪٻئي سان مڪمل مذهبي هم آهنگي ۽ محبت سان رهن ٿا ۽ هڪٻئي جي ڏهاڙن توڙي خوشي ۽ غميءَ ۾ برابر شريڪ ٿين ٿا. اڳواڻن جو چوڻ هو ته محرم الحرام دوران هندو برادري نه رڳو مجلسن ۾ شرڪت ڪندي آهي، پر ماتمي قافلن ۾ گڏ رهڻ سان گڏ نياز ۽ سبيلن جو پڻ وڏي چاهه سان اهتمام ڪندي آهي. هنن عزم جو اظهار ڪيو ته ڪربلا جي شهيدن جي هيءَ لازوال قرباني انسانيت جو ڳاٽ اوچو ڪري ٿي ۽ اسان کي هميشه حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيڻ جو پيغام ڏئي ٿي.