English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول: سم نالي تي ٺهندڙ پل جي تعميراتي ڪم ۾ سست رفتاري خلاف آبادگارن جو احتجاجي مظاهرو
97 views
|
02nd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول (رپورٽر) سجاول کان ٽنڊو محمد خان تائين تعمير هيٺ روڊ منصوبي دوران سم نالي تي ٺهندڙ پل جي تعميراتي ڪم ۾ سست رفتاري خلاف متاثر آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ لاڳاپيل اختيارين کان فوري نوٽيس وٺي تعميراتي ڪم مڪمل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.اطلاعن موجب پل جي تعمير خاطر سم نالي کي عارضي طور بند ڪرڻ سبب پاڻي جو قدرتي وهڪرو متاثر ٿي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڻي اوور فلو ٿي ڀرپاسي جي زرعي زمينن ۾ داخل ٿيڻ لڳو آهي. آبادگارن جو چوڻ آهي ته بيٺل فصل پاڻي هيٺ اچڻ سبب سخت متاثر ٿي رهيا آهن، جڏهن ته زرعي نقصان سان گڏ روزاني آمدرفت ۾ به ڏکيائيون پيدا ٿي رهيون آهن.احتجاج جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ عبدالغني سومرو جي اڳواڻي ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ متاثر آبادگارن ۽ علائقي واسين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پل جي تعميراتي ڪم ۾ غير ضروري دير سبب هارين ۽ آبادگارن جا مسئلا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، جڏهن ته پاڻي جي نيڪال جو مناسب انتظام نه هئڻ ڪري زرعي زمينون مسلسل متاثر ٿي رهيون آهن.احتجاج ڪندڙن حڪومت، ضلعي انتظاميا ۽ لاڳاپيل تعميراتي اداري کان مطالبو ڪيو ته پل جي تعميراتي ڪم ۾ فوري تيزي آندي وڃي، سم نالي مان پاڻي جي نيڪال جو هنگامي بنيادن تي بندوبست ڪيو وڃي ۽ متاثر آبادگارن کي وڌيڪ مالي نقصان کان بچائڻ لاءِ ترت ۽ عملي قدم کنيا وڃن. هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبا جلد پورا نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Aug 2026
•
تازہ ترین
عمرڪوٽ ۾ حضرت امام حسينؑ جي چهلم وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ھزارين عزادارن جي شرڪت
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
04th Aug 2026
•
تازہ ترین
عمرڪوٽ ۾ حضرت امام حسينؑ جي چهلم وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ھزارين عزادارن جي شرڪت
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
پريالوءِ ٿاڻي جي حد ۾ سڱاوتي تڪرار تان نوجوان مارجي ويو
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: ابراهيم حيدري پوليس ھٿان منشيات جي الزام ھيٺ عورت گرفتار
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ ڪربلا جي شھيدن جي چھلم بابت ماتمي جلوس برآمد ۽ مجلسون برپا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سجاول: سم نالي تي ٺهندڙ پل جي تعميراتي ڪم
0 تبصرے