قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن جي حل لاءِ مشعل بردار ريلي

سنڌ جي حڪمران جماعت پيپلزپارٽي ان عمل ۾ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي: اڳواڻ

قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن جي حل لاءِ مشعل بردار ريلي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) قومي عوامي تحريڪ ضلع ملير پاران گھگھر ۾ حسيني چوڪ کان مين گھگھر بازار تائين مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ڪارڪنن، شهرين ۽ ننڍڙن ٻارڙن شرڪت ڪئي ريلي جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر فرحان لاڙڪ، مرڪزي رابطا سيڪريٽري ڪاشف خاصخيلي، ڪراچي ڊويزن صدر منان شيخ، ضلعي ملير جي صدر فياض اتيرو، جنرل سيڪريٽري جنسار هيسباڻي، علي ٻٻر ۽ گھگھر يونٽ جي صدر اويس ڪانڌڙو ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ خلاف مختلف سازشون ڪيون پيون وڃن ۽ وفاق 28هين آئيني ترميم وسيلي سنڌ جي وسيلن تي قبضي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سنڌ جي حڪمران جماعت پيپلزپارٽي ان عمل ۾ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي هنن چيو ته قومي عوامي تحريڪ، محترم اياز لطيف پليجي جي قيادت ۾ "متحد ۽ مضبوط سنڌ مهم" تحت 52 ڏينهن جي عوامي مهم هلائي رهي آهي، جنهن جو مقصد سنڌ کي درپيش خطرن بابت عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ، سنڌ جي ماڻهن کي متحد ڪرڻ ۽ پرامن جمهوري جدوجهد کي منظم ڪرڻ آهي اڳواڻن چيو ته گھگھر شهر جا روڊ تباهه آهن، شهر ۾ گيس جي فراهمي موجود ناهي، بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ جاري آهي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جهڙي بنيادي سهولت به ميسر ناهي. هنن مطالبو ڪيو ته گھگھر سميت سڄي سنڌ جي عوامي مسئلن کي فوري طور حل ڪيو وڃي هنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سنڌ جي وسيلن، حقن يا اختيارن تي ڪنهن به قسم جي دست اندازي ڪئي وئي ته قومي عوامي تحريڪ سنڌ جي عوام کي منظم ڪري پرامن جدوجهد وسيلي ان جو ڀرپور مقابلو ڪندي ۽ ماضي وانگر سنڌ دشمن منصوبن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ هر جمهوري ۽ آئيني فورم تي آواز اٿاريو ويندو.