ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن عليم الدين خان جو وڇوڙو..!!؟!

سيد آفتاب بخاري

ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن عليم الدين خان جو وڇوڙو..!!؟!

صبح جو نِنڊ مان اُٿڻ کانپوءِ واري اُن اڀاڳي گھڙيءَ يڪدم سُڪتو طاري ٿي ويو جڏھن سوشل ميڊيا گروپن ۽ فيس بوڪ تي جيُ جھوريندڙ پوسٽن جي وٺ وٺان لڳي پئي ھُئي ۽ ھر طرف انا اللھ و انا اليہِ راجعون صد افسوس، ڏکوئيندڙ خبر ۽ ٻين ڪيپشنز سان سندس وڇوڙي بابت خبر گردش ڪري رھي ھُئي تہ سنڌ اطلاعات کاتي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊمن اينڊ اڪائونٽس عليم الدين سوات ۾ ٿيل روڊ حادثي کانپوءِ اسپتال جي ۾ آپريشن بعد لاڏاڻو ڪري ويو ۽ پنھنجي حقيقي مالڪ سان وڃي مليو. مون بہ پھريان سوچيو تہ ٻين جيان ڪاپي پيسٽ جو ڪم ڪندي فوٽو کڻي اللھ سائين کيس جنت الفردوس ۾ جايون ڏيئي وارو ميسيج ٺاھي فيس بوڪ يا گروپس تي رکان، پر اکين ۾ پاڻي تري آيو...! ۽ سوچيو تہ عليم صاحب جي شخصيت بابت ڪُجھ سٽون لکي پوءِ دوستن آڏو رکجي ۽ لفظن سان ڀيٽا پيش ڪجي. اسانجون ھي پوسٽون، ليک ۽ افسوس وارا ميسيج عليم ڀائيءَ کي اُن ديس مان واپس تہ نہ ٿا آڻي سگھن، پر ڪجھ يادُن کي تہ ساري سگھجي ٿو ۽ ڪجھ نہ لکجي تہ اھا سندس روح سان ناانصافي ھوندي.! عليم ڀائيءَ جو وڇوڙو نہ رُڳو سندس ڪٽنب لاءِ وڏو سانحو آھي پر اِھو ھر اُن ماڻھوءَ لاءِ قيامت ٿي ٽُٽو آھي، جيڪو ساڻس ھڪ ڀيرو بہ مِليو ھوندو پوءِ اُھو ڪھڙي بہ بھاني ھو سڀني جي دلين ۾ گھر ڪري ويو ھو. مونکي سندس وڇوڙي تي لفظ ڪونہ ٿا ساٿُ ڏين انڪري ئي مُنھنجا لکجندڙ لفظ ائين ئي ٽِڙي ۽ وکرجي رھيا آھن ۽ دَم ٽوڙي رھيا آھن، جيئن عليم صاحب جي زندگي سوات جي وادين ۽ پھاڙين ۾ وِکري ويئي. ھُن سوات جي وادين مان کنيل زخمن جا سور نہ سھندي مارگلا جي پھاڙين ۾ وسندڙ ملڪ جي گاديءَ واري ھنڌ جي ھڪ اسپتال ۾ دم ٽوڙي ڇڏيو ۽ پنھنجي حقيقي مالڪَ سان وڃي مليو. پنھنجي ڪيريئر کي بھتر بڻائڻ سان گڏوگڏ ڪٽنب جي خوشين کي وڌائڻ جا سندس سپنا پھاڙَن سان ٽڪرائجندي سِسڪين ۽ ماتم ۾ تبديل ٿي ويا. اسين کيس عليم ڀائي ۽ عليم صاحب سان سڏيندا ھُئاسين، عليم ڀائيءَ جي وڇوڙي کانپوءِ سنڌ اطلاعات کاتي ھيڊڪوارٽر ۾ اڄ اُھا خاموشي، اُداسي ۽ مايوسي پکڙيل آھي جيڪا مون ڇا پر ڪنھن بہ ڪڏھن ڪونہ ڏِٺي ھُئي، ھُو پاڻَ کان وڏي آفيسر جو احترام ۽ ننڍن ملازمن توڙي ساٿين سان شفقت سان پيش ايندڙ آفيسر ھُيو اِھو ئي سبب آھي جو سندس وڇوڙي جو ٻڌڻ کانپوءِ ھر اک آلي ھُئي ۽ چھرن تي اُداسي ڇانيل ھُئي. ڊپٽي ڊائريڪٽر عليم صاحب جي آفيس اطلاعات کاتي جي ايڊمن اينڊ اڪائونٽس سيڪشن ۾ آھي، جنھن ۾ اڄ سندس وڇوڙي کانپوءِ ڪوبہ وڃڻ جي سگھ نہ پيو واري سگھي اُھا ڀُڳڙن ۽ ڪشمش جي برني اُداس آھي جيڪا عليم صاحب جي آفيس ۾ سندس ميز تي ھوندي ھُئي ۽ آئون اڪثر سندس آفيس ۾ وڃي ڀُڳڙا کائيندو رھندو ھوس. ھُو ھيڊڪوارٽر ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊمن ھُئڻ ناتي سڄي سنڌ جي آفيسن، پريس ڪلبن صحافتي تنظيمن توڙي ٻين معاملن کي بخوبي ڪيترن ئي سالن کان نڀائي رھيو ھو. ننڍو ھُجي يا وڏو ھو بنا فرق جي ڪنھن بہ مسئلي تي پاڻ سڀني سان رابطي ۾ ايندو ھُيو ۽ مسئلا حل ڪرائڻ جي سگھ رکندو ھو. ساڻس جيڪو ھڪ ڀيرو مِلندو ھُيو اُھو تنھن جو ٿي ويندو ھو ۽ سنڌ جي مختلف شھرن ۾ رھندڙ اسانجي پراڻن صحافي دوستن جي گوڊ بوڪس ۾ اچي ويو ھو، اُھي جڏھن بہ پُڇندا ھُيا تہ عليم صاحب جي تعريف ڪندا ھُئا ۽ ساڻس رابطي ۾ ايندا ھُئا. سنڌ جي صحافين سان ويجھڙائيءَ واري تعلق جو اندازو شڪارپور جي سينئر صحافي عبدالسلام اُنڙ جي پوسٽ مان لڳائي سگھجي ٿو جنھن ۾ ھُن لکيو آھي تہ: ”يارَ عليم تُنھنجو تحفو مُون وٽ رھجي ويو!، تُنھنجي لاءِ آئون شڪارپور مان آچار بہ گھرائي ڇڏي آھي ۽ پنھنجي سومر ڏھاڙي ٽوئر تان واپسيءَ تي ماني بہ گڏ کائڻي آھي، پر تون موڪلائڻ بنا ئي ھليو وئين.“! اھڙي ريت جنھن بہ عليم ڀائيءَ جي موت جي خبر ٻُڌي اُن کان رڙ ئي نڪتي تہ ھي وقت نہ ھو سندس موڪلائڻ جو.! محرم جي موڪلن تان واپسيءَ تي مونکي رستي ۾ اسانجي ساٿي آفيسر ذوالفقار کوسي عليم صاحب جي خطرناڪ حادثي جي خبر ڏِني، جنھن بعد واٽس ايپ گروپ، فيس بوڪ ۽ ٻي سوشل ميڊيا تي عليم ڀائي ۽ سندس ڪٽنب سان پيش آيل حادثي جي خبر گردش ڪري ويئي ۽ دعائن جون صدائون ھر ھنڌان بُلند ٿيون. عليم صاحب جي ئي بيچ جو ساٿي ڊپٽي ڊائريڪٽر سيد سعاد ڀائي، عليم صاحب جي حادثي جي خبر ٻُڌندي ئي نڪري ويو ۽ ٻي رات جو کيس سوات جي سيدوشريف اسپتال مان ايمبولينس ذريعي اسلام آباد منتقل ڪرايو، اطلاعات کاتي سان سلھاڙيل سڀني آفيسرن، ملازمن توڙي صحافين ۽ ورڪرن عليم ڀائيءَ جي ترت صحتيابي جون دُعائون ڪيون جيڪي نہ اگھي سگھيون ۽ اسلام آباد جي ھڪ وڏي اسپتال ۾ 9 کان 10 ڪلاڪن تائين جاري رھندڙ سندس دماغ جي آپريشن بعد دم ڌڻيءَ در حوالي ڪيو. ڪالھ تائين ڊاڪٽر ۽ ھتي ساڻن رابطي ۾ رھندڙ دوست توڙي آفيسر سڀني کي دلجاءِ ڏيئي رھيا ھُئا ۽ چئي رھيا ھُئا تہ آپريشن ڪامياب ٿيو آھي ۽ رڪوري طرف وڌي رھيو آھي پر اسان جون اُميدُن دم ٽوڙي ڇڏيو ۽ ھو سڀني کي ڇڏي اھڙي ڏيھ ھليو ويو جتان ڪنھن جي بہ واپسي ناھي ٿي. ڪالھ رات اسانجي ھڪ ٻئي ساٿي دانش ميمڻ پڻ اسلام آباد وڃڻ جي بوڪنگ ڪرائي ڇڏي ھُئي ۽ اڄ کيس نڪرڻو ھيو، پر سندس ھوش اُن وقت اُڏري ويو جڏھن صبح سوير ئي کيس فون ڪال آئي تہ اوھان نہ اچو اسين جنازو کنيون پيا اچئون ۽ سنگتي جو روح پرواز ٿي چڪو آھي. عليم صاحب ڪجھ ھفتن کان مختلف ٻوليون ٻولي رھيو ھو تہ وڃئون ٿا بس گھُمڻ ۽ پري ٿا وڃئون، بجيٽ جي ڪلوزنگ واري وقت ڪم مان ڪجھ ٿڪجڻ کانپوءِ عليم صاحب آفيس جي ساٿين چيو تھ پري پيو وڃي سُڪون وٺڻ ڪنھن ٿئي ڄاتو تہ ھُو اھڙي ديس وڃڻ جي ڳالھ ڪري رھيو آھي جتان ڪو وريو ناھي ۽ کيس روڪي وٺئون ھا اوڏانھن وڃڻ کان. ايڊمن جي دوست عدنان سميجو ٻڌايو تہ عليم صاحب موڪلن تي وڃڻ کان اڳ آفيس ۾ رکيل ضروري فائيلن ۽ ڪاغذن بابت ڄاڻ ڏيئي رھيو ھو تہ ھي ھتي پيا آھن ھي ھن الماڙي ۾ پيا آھن، جنھن تي کيس چيو ويو تہ ھڪ ھفتي جي تہ موڪل تي وڃو ٿا پيا تنھن ھوندي بہ ھُو چئي رھيو ھو تہ يار في الحال تہ وڃئون ٿا الائي ڇا حياتي ؟!! مطلب تہ موت کيس سڏي رھيو ھو پر ھُو ھڪٻئي سال ڪٽنب سان گڏ گھمڻ ضرور ويندو ھو. ھن ڀيري اھڙو گھمڻ ويو جو سڀني کي گھمائي ڇڏيائين ۽ ھر دوست ساٿي، گھرڀاتيءَ کي اُداسيون ۽ خاموشيون ڏيئي ويو. ھو ھيڊڪوارٽر ۾ رھندي ڪجھ سالن کان سڀني جي دلين ۾ سمائجي ويو ھو ۽ ھو پبلڪ رليشنس آفيسر جي حيثيت سان پبلڪ رليشنز جو ماھر پڻ ھُيو، سندس جنم حيدرآباد جي لطيف آباد واري علائقي ۾ ٿيو، ھُن سنڌ يونيورسٽيءَ مان صحافت ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ پوءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏيڻ بعد انفارميشن آفيسر طور ڀرتي ٿيو جنھن بعد سندس پروموشن ڊپٽي ڊائريڪٽر طور ٿيو ۽ گھڻو وقت ايڊمن اينڊ اڪائونٽس ۾ رھيو جتي پروموشن کان وٺي، ايڊمن اڪائونٽس ۽ ٻين معاملن ۾ مھارت حاصل ڪري چڪو ھُيو. سڀني سان بھتر لاڳاپا رکڻ جو ھُنر رکندڙ ھو. منھنجون ساڻس ڪچھريون ٿينديون رھنديون ھيون ڪالھَ جي ئي ڳالھ آھي پي سي ھوٽل ۾ معرڪہ حق جو پروگرام ٿيو جنھن ۾ ھو اسان گڏ انتظامن ۾ شامل ھيو ۽ فُل سوٽ ۾ پنھنجي ڊيوٽي انجام ڏنائين ۽ ڦڙتي ايتري ھوندي ھُيس جو ڪڏھن بہ سندس چھري تي انڪار، مايوسي يا ڦِٽڪار نہ ھوندي ھُئي، سڀني سان ڀائري وارو رشتو رکندڙ ھو. اِن کان اڳ ڪجھ افطار پارٽين ۾ پڻ ملاقات ٿي ۽ گڏ ماني کاڌي سين، سياري جي مُند ۾ گلستان جوھر ڪراچيءَ ۾ اسانجي پياري دوست انفارميشن آفيسر مراد وحيد جي شاديءَ ۾ ساڻس روح رھاڻيون ھيون ۽ دوستن سان گڏجي ڪچھري ڪئي سين. ايئن کڻي چئجي تہ اھڙو ويراڳي اسان کان جُدا ٿي ويو جنھن جي وڃڻ جو ڪو وقت نہ ھو پر موت برحق آھي جيڪو سڀني تي اچڻو آھي. جمعي ڏھاڙي سندس جنازي نماز ڪراچيءَ واري رھائشگاھ صدف سوسائٽي، گلزارِ ھجري، اسڪيم 33 ۾ رٿيل آھي جنھن کانپوءِ سندس مڙھ کي آلين اکين سان طارق روڊ جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. مھان ڪوي شيخ اياز جي ھنن سٽن سان عليم الدين خان کي ڀيٽا ڏيئي پنھنجين سٽن جي پُڄاڻي ڪجي ٿي تہ: ” اکڙيون ڏيل ڏيئا ، ٻرنديون رهنديون ٻاٽ ۾، تنهنجي لاء ليئا، رهندا منهنجي روح ۾...“ اسين عليم ڀائيءَ جي مغفرت ۽ بلند درجن سان گڏوگڏ سندس ڪٽنب جي زخمي ڀاتين جي ترت صحتيابي لاءِ دعاڳو آھيون، عليم ڀائيءَ جون يادون ۽ ساروڻيون اسان سان ھميشہ گڏ رھنديون ۽ ھُو اسانجي روح ۾ ليئا پائيندو رھندو.....!