ملير ۾ نوجوان جو زمين جي تڪرار تان مبينا ڌمڪيون ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

ملير ۾ نوجوان جو زمين جي تڪرار تان مبينا ڌمڪيون ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي علائقي ٻاون شاهه جي رهواسي غلام فريد ولد غلام رسول قادري زميني تڪرار بابت صحافين سان ڳالهائيندي الزام هنيو آهي ته کيس ۽ سندس خاندان کي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، جنهن سبب سڄو خاندان خوف ۽ هراس ۾ زندگي گذاري رهيو آهي، غلام فريد جو چوڻ هو ته هن فدار رسول ولد غلام رسول قادري کي سروي نمبر 224، 226 ۽ 257 سان لاڳاپيل زمين جو هڪ حصو ڏنو هو، پر سندس الزام آهي ته فدار رسول ساڳيو پلاٽ بعد ۾ هڪ ٻئي شخص کي وڪرو ڪري ڇڏيو، هن وڌيڪ الزام لڳايو ته جڏهن هن ان معاملي تي اعتراض ڪيو ته کيس ۽ سندس گهرڀاتين کي مبينا طور جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون. سندس چوڻ موجب اهڙي صورتحال سبب سندن خاندان سخت ذهني پريشاني ۽ عدم تحفظ جو شڪار آهي. غلام فريد آئي جي سنڌ، ڊي آءِ جي ايسٽ، ايس ايس پي ملير ۽ ضلعي انتظاميه سميت لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪرائي وڃي، کيس ۽ سندس خاندان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن الزام درست ثابت ٿين ته ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي طرف، هن خبر ۾ لڳايل الزامن بابت فدار رسول جو موقف حاصل نه ٿي سگهيو.