نوشهرو فيروز ۾ حضرت امام حسين ۽ سندن وفادار جانثارن جي ياد ۾ مجلسِ عزا برپا

مجلس جي شروعات تلاوتِ ڪلامِ پاڪ سان ٿي، جنهن جي سعادت مولانا وقار علي مهدوي حاصل ڪئي

نوشهرو فيروز ۾ حضرت امام حسين ۽ سندن وفادار جانثارن جي ياد ۾ مجلسِ عزا برپا

نوشهرو فيروز(ڊر)هر سال جيان هن سال به شهداءِ ڪربلا حضرت امام حسينؑ ۽ سندن وفادار جانثارن جي ياد ۾ مجلسِ عزا منعقد ڪئي وئي. مجلس جي شروعات تلاوتِ ڪلامِ پاڪ سان ٿي، جنهن جي سعادت مولانا وقار علي مهدوي حاصل ڪئي. ان کان پوءِ زوار رجب علي لاشاري، برادر اڪرم علي ميمڻ، برادر احسن علي ونگاڻي ۽ برادر ماجد علي تڳر پرسوز انداز ۾ مرثيو پڙهي عزادارن کي آبديده ڪري ڇڏيو. مجلسِ عزا کي علامه سيد ارشاد حسين نقوي، علامه شفقت عباس انقلابي، مولانا خادم حسين ڪربلائي، مولانا ارباب علي چانڊيو، مولانا بشير حسين بشارتي، مولانا آفتاب حيدر کوسو ۽ مولانا افضل حسين حيدري خطاب ڪندي ڪربلا جي شهيدن جي ابدي پيغام، سيرتِ امام حسينؑ ۽ ديني توڙي اخلاقي ذميوارين تي روشني وڌي.جڏهن ته جعفريه اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن پاڪستان سيوهڻ ڊويزن جي نوجوانن انتهائي نظم ۽ ضبط سان اسڪائوٽنگ جا فرض سرانجام ڏنا ۽ آخر ۾ نياز امام حسين عه تقسيم ڪيو ويو۔