English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قيو اي ٽي، سنڌياڻي تحريڪ ۽ سنڌي گرلس تحريڪ جو وفد روبينا چانڊيو جي گهر پهتو
40 views
|
26th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو مستي (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي ھدايت تي قومي عوامي تحريڪ، سنڌياڻي تحريڪ ۽ سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جو مرڪزي وفد قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر شازيا احمداڻي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ مرڪزي آرگنائيزر فضا ملاح ٽنڊومستي ۾ ڪارنھن جي الزام ۾ قتل ڪيل روبينا چانڊيو جي گهر پهچي سندس والده ۽ ٻين وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ کان تفصيل ورتا. ان موقعي تي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر شازيا احمداڻي ڳالھائیندي چيو تہ روبينا چانڊيو کي ناحق قتل ڪيو ويو آهي جرگائي سرداري نظام انسانيت جو دشمن نظام آهي جرگن م بيگاھن کي قتل ڪرڻ جا فيصلا ٿين ٿا ۽ خون لورھيا وڃن ٿا سنڌ ۾ روزانو معصوم نياڻيون ۽ نوجوان ڪارنھن جو ڪڌو الزام ھڻي قتل ڪيا وڃن ٿا حڪمران چاهين ٿا سنڌ م جھالت ھجي ڪاروڪاري ھجي سڱ چٽيون ھجن بدي جون شاديون ھجن ڌاريلن جو راڄ ھجي تعليم ن ھجي شعور ن ھجي ماڻهون صرف ووٽ ڏيڻ جي مشين ھجن ۽ حڪمران درياھ زمينون ڪوئلو ۽ سنڌ جا وسيلا وڪڻي اقتدار کڻيندا رھن. قومي عوامي تحريڪ مرڪزي سينئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي ڳالھائیندي چيو تہ پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت سنڌ عورتن جھنم بنائي وئي آهي سنڌ کي وڏيراشاهي، سرداري،جاگيرداري قبائلي دھشتگردي ۽ جرگائي سٽم جي حوالي ڪئي وئي آهي سنڌ ۾ جنگ جو قانون آهي پوليس پيپلزپارٽي جي ڪمدار بڻيل آھي سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ڳالھائیندي چيو تہ سنڌ حڪومت سنڌ ۾ نياڻين ۽ ٻارن کي مارڻ جو لائسنس ڏئي ڇڏيو آهي سنڌ ۾ عورت مرداڻي سماج ۾ غلام ھجي ڪنهن ملڪيت، زمين، تي قبضو ڪرڻو هجي عورت کي ڪارنهن جو الزام ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، ڀاڄائي آهي ان جو مڙس گذاري ويو هجي ۽ ڏير الظام هڻي ته هي ڪاري آهي، ان کي ماري ان جڳھ ۽ ملڪيت تي قبضو ڪريو ڇڏين، ڀيڻ کي جائيداد کان محروم رکڻو آهي ۽ الزام هڻندا تہ هي ڪاري آهي ماري ڇڏيو، سنڌ جي اترين علائقن ۾ رڳو فون ڪري ڇڏيندا آهن تہ هي ڪاري آهي، ڏھ لک ڀري ڏي پنجاھ لک ڀري ڏي، اها جيڪا بربريت آهي،جيڪو ڏاڍ آهي ان جي خلاف پر امن جدوجهد جي ضرورت آهي اوهان سڀ جڙو نياڻين جي علم سان، نياڻين جي صحت سان، نياڻين جي روزگار سان ۽ نياڻين جي قتل عام خلاف ڀرپور آواز بلند ڪيو. روبينا چانڊيو جي امڙ چيو تہ منهنجي ڌيءَ روبينا کي قتل ڪرائيندر صدام ۽ ٻيا آزاد گهمي رھيا آھن پوليس انھن کي گرفتار نٿي ڪري ڌيءَ بہ منهنجي قتل ٿي آھي گھر بہ منهنجا ڊاھيا آھن انصاف نالي ڪا شئي ناهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ شيخ برادري جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت احتجاج
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معرڪه حق جي حوالي سان ريليون ڪڍيون ويون
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوشهروفيروز ڪيمپس ۾ ليڪچر پروگرام منعقد
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا مائنر جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف پڇڙي جي آبادگارن ۽ ھارين جو ڌرڻو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
قيو اي ٽي، سنڌياڻي تحريڪ ۽ سنڌي گرلس تحريڪ
0 تبصرے