ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ضلعي جي تعليمي معاملن، خاص طور تي پرائمري اسڪولن جي بجيٽ سان لاڳاپيل مسئلن جو جائزو ورتو ويو۔ اجلاس ۾ ڊي اي او پرائمري نور سرائي سميت تعلقه ٺٽو جي سمورن پرائمري اسڪولن جي هيڊ ماسترن شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي اسڪولن کي جاري ڪيل بجيٽ جي مؤثر استعمال ۽ پيش ايندڙ مسئلن تي تفصيلي خيال ونڊيا ويا۔ ڊپٽي ڪمشنر هدايت ڪئي ته حڪومت طرفان جاري ڪيل بجيٽ کي بروقت ۽ صحيح طريقي سان اسڪولن جي بهتري ۽ ضروري ڪمن تي خرچ ڪيو وڃي۔ هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فنڊز کي غير استعمال ٿيل ڇڏي ليپس ٿيڻ نه ڏنو وڃي، پر تعليمي سهولتن جي بهتري لاءِ ڀرپور نموني استعمال ڪيو وڃي۔ اجلاس ۾ شريڪ هيڊ ماسترن پنهنجن پنهنجن اسڪولن جي مسئلن ۽ ضرورتن کان آگاهه ڪيو، جڏهن ته لاڳاپيل عملدارن انهن جي حل لاءِ قدم کڻڻ جي يقين ڏيارڻي ڪرائي۔
0 تبصرے