عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) تعليم کاتي پاران آر ايس يو جي سهڪار سان اسڪول کان ٻاهر رهجي ويل ٻارڙن کي تعليم جي دائري ۾ آڻڻ لاءِ عمرڪوٽ ۾ وڏي پيماني تي جاڳرتا مهم هلائي وئي، جنهن سلسلي ۾ ڊي سي آفيس کان پريس ڪلب عمرڪوٽ تائين آگاهي ريلي ڪڍي وئي، جڏهن ته بعد ۾ مقامي هال ۾ هڪ شاندار سيمينار پڻ منعقد ڪيو ويو، ريلي ۾ استادن، شاگردن، سماجي اڳواڻن، صحافين، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ مختلف استاد تنظيمن جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل هئا، جن تي تعليم جي اهميت ۽ اسڪول کان ٻاهر رهيل ٻارڙن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ بابت نعرا درج هئا، جڏھن تہ مقامي ھال ۾ منعقد سيمينار کي وائيس چيئرمين ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ ميان خالد ولهاري خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت تعليم جي بهتري لاءِ وڏي پيماني تي بجيٽ جاري ڪري سڌو سنئون اسڪولن جي اڪائونٽن ۾ فنڊ منتقل ڪيا آهن، هاڻي اها ذميواري اسڪول انتظاميه تي عائد ٿئي ٿي ته اهي انهن فنڊن کي بهتر نموني يوٽيلائيز ڪري اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن، تعليمي ماحول ۽ شاگردن جي بهتر مستقبل لاءِ استعمال ڪن، هن چيو ته سرڪاري اسڪول ڪنهن به لحاظ کان نجي ادارن کان گهٽ ناهن، ان جو ثبوت اهو آهي ته عمرڪوٽ ضلعي سان تعلق رکندڙ شبير مھر جا ٻہ نوجوان پٽ جن سرڪاري اسڪولن مان تعليم حاصل ڪئي، اڄ ڪميشن ڪليئر ڪري اعليٰ سرڪاري عهدن تي فائز آهن، جيڪو اسان سڀني لاءِ فخر جو باعث آهي، هن والدين تي زور ڏنو ته هو پنهنجن ٻارڙن کي اعتماد سان سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائين، سينيئر پروگرام مينيجر آئوٽ آف اسڪول چلڊرين نظر محمد چانڊيو ۽ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر شهزاد ڪنڀر خطاب ڪندي چيو ته اسڪول کان ٻاهر رهيل ٻارڙن کي تعليم جي دائري ۾ آڻڻ رڳو حڪومت يا تعليم کاتي جي ذميواري نه، پر پوري سماج جي گڏيل ذميواري آهي، هنن چيو ته نوجوانن، استادن، والدين ۽ سماجي تنظيمن کي گڏجي تعليمي جاڳرتا مهم کي وڌيڪَ مضبوط بڻائڻو پوندو ته جيئن ڪو به ٻار تعليم کان محروم نه رهي، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر عمرڪوٽ مير حسن آريسر ۽ ڊائريڪٽر پرائمري ڊويزن ميرپورخاص فقير محمد خاصخيلي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته تعليم کاتو ضلع اندر تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ، بند پيل اسڪولن کي فعال ڪرڻ ۽ اسڪول کان ٻاهر رهيل ٻارڙن کي داخلا ڏيارڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهيو آهي، هنن چيو ته استاد پنهنجي ذميوارين کي ايمانداري سان نڀائين ته تعليمي نظام ۾ وڌيڪَ بهتري آڻي سگهجي ٿي، ايڊووڪيٽ محمد بخش ڪنڀر خطاب ڪندي چيو ته تعليم هر ٻار جو آئيني ۽ بنيادي حق آهي، ۽ هڪ مهذب، باشعور ۽ ترقي يافته معاشري جي تعمير لاءِ هر ٻار تائين تعليم پهچائڻ انتهائي ضروري آهي، هن چيو ته والدين به پنهنجي ذميواري سمجهي پنهنجن ٻارڙن کي لازمي طور اسڪول موڪلين، سول سوسائٽي جي نمائندن ڪرن بشير ۽ ريحانه فتح کوسو خطاب ڪندي چيو ته ڇوڪرن سان گڏ ڇوڪرين جي تعليم تي به خاص ڌيان ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، هنن چيو ته جڏهن هر ٻار تعليم حاصل ڪندو ته ئي سماج ۾ مثبت تبديلي، شعور ۽ ترقي ممڪن بڻجي سگهندي، سماجي اڳواڻ سنڌو کوسو ۽ ميڊم تسليم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته تعليم غربت، جهالت ۽ سماجي برائين جي خاتمي جو واحد ذريعو آهي، هنن چيو ته شهرن سان گڏ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ به تعليم بابت آگاهي مهم کي وڌيڪَ تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هر والدين پنهنجي ٻارڙن کي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ کي اولين ترجيح بڻائين، سيمينار کي مختيارڪار تعلقه عمرڪوٽ ابرار احمد دائود پوٽو، ٽي اي او غلام مرتضي سهتو، فريد احمد ڪنڀر، ارباب علي سميجو، گواز ضلعي صدر بشير احمد کوسو، پ ٽ الف ڊويزن ميرپورخاص جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري جاويد ڪنڀر، پ ٽ الف ضلعي صدر اڪرام الحق آرائين ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته تعليم هر ٻار جو بنيادي حق آهي ۽ ڪا به قوم تعليم کانسواءِ ترقي نٿي ڪري سگهي، هنن والدين تي زور ڏنو ته هو پنهنجن ٻارڙن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائي روشن مستقبل جي ضمانت بڻجن، ھنن چيو ته حڪومت، تعليمي ادارن، استادن، سماجي تنظيمن ۽ والدين کي گڏجي اهو عزم ڪرڻو پوندو ته عمرڪوٽ ضلعي جو ڪو به ٻار تعليم کان محروم نه رهي، تقريب جي آخر ۾ گڏيل عزم جو اظهار ڪيو ويو ته اسڪول کان ٻاهر رهيل هر ٻار کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ لاءِ اهڙيون جاڳرتا مهمون وڌيڪ مؤثر انداز ۾ جاري رکيون وينديون، ان موقعي تي درگا پرڪاش کتري، علي احمد ڀنڀرو، راڻو مل، ڪليم الله ٻرڙو، ڪنهيا موهن لال ۽ ٻيا موجود ھئا
0 تبصرے