English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
لاڙڪاڻو: 6مهينا اڳ مبينا اغوا ٿيل چئن ٻارڙن جي ماءُ بازياب نه ٿي سگهي، مڙس جو ٻارڙن سميت احتجاج
250 views
|
11th May 2026
•
سنڌي خبرون
2012ع ۾ زينب ابڙو سان شادي ڪئي، کيس واجد چانڊيو اغوا ڪري ساڻس نڪاح مٿان نڪاح ڪيو آهي: فهد رضا سومرو
لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي شهر جي سول لائين ٿاڻي جي حد لاهوري محلا مان 6 مهينا اڳ مبينا اغوا ٿي ويل چئن ٻارڙن جي ماء کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي، اغوا ڄاڻايل عورت جي مڙس پنهنجي معصوم ٻارڙن سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي گهر واري کي بازياب ڪرائي اغوا ۾ ملوث بااثرن خلاف ڪاروائي جي گهر ڪندي ٻن ڏينهن کان پوءِ ٻارن سميت باهه ڏئي ساڙي خودڪشي ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو آهي لاڙڪاڻي شهر جي لاهوري محلا جي رهواسي فهد رضا سومرو پنهنجي معصوم ٻارڙن ايمان زهره، محمد ابراهيم ۽ محمد حسين سان گڏجي پريس ڪانفرنس چيو ته 2012ع ۾ شادي لاهوري محلا جي رهواسي عنايت الله ابڙو جي ڌيءَ زينب سنڌو سان ٿي هئي جنهن مان ٻن پٽن ۽ ٻن نياڻين جي اولاد آهي، شادي بعد گهر واري کي اسٽيشن روڊ واري علائقي ۾ بيوٽي پارلر کولي ڏنو هو هن چيو ته 6 مهينا اڳ ريسڪيو1122 ۾ نوڪري ملي جنهن جي ٽريننگ لاءِ لاهور ويل هيس ته پٺيان غالب نگر واسي ٽريزري آفيسر واجد چانڊيو پنهنجي ڀائرن شاهد چانڊيو ۽ ماجد چانڊيو سان گڏجي گهر واري زينب سنڌو کي اغوا ڪري ويو گهر ۽ بيوٽي پارلر جي دڪان تان 28 لک روپيه روڪ رقم، 12 تولا سونا زيور، پارلر سميت لکين روپين جو قيمتي سامان کڻي ويو، اهڙي شڪايتون حد جي سول لائين ٿاڻي جي پوليس سميت ڊي آءِ جي، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ برادري جي چڱن مڙسن توڙي پيپلز پارٽي ايم پي اي سردار خان چانڊيو کي ڪئي آهي ان باوجود ڪو به تدارڪ نه ٿيو ويتر بااثر واجد چانڊيو سندس ڀائر شاهد ۽ ماجد چانڊيو مون کي چپ رهڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته گهر واري جي اغوا بعد منهنجو سڄو گهر اجڙي ويو آهي، مون سميت منهنجا معصوم ٻارڙا اذيت واري زندگي گذاري رهيا آهن معصوم ٻارڙن جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو آهي پر افسوس جو ڪير به مدد ڪرڻ وارو ناهي هن وس واري اختيارين کي اپيل آهي ته نوٽيس وٺي گهر واري کي بازياب ڪرائي اغوا ۾ ملوث بااثرن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ٻن ڏينهن کان پوءِ پنهنجي معصوم ٻارڙن سان گڏجي پريس ڪلب اڳيان باهه ڏئي ساڙي خودڪشي ڪندس جنهن جي ذميواري واجد، شاهد ۽ ماجد چانڊيو ۽ پوليس مٿان هوندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Aug 2026
•
تازہ ترین
عمرڪوٽ ۾ حضرت امام حسينؑ جي چهلم وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ھزارين عزادارن جي شرڪت
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
04th Aug 2026
•
تازہ ترین
عمرڪوٽ ۾ حضرت امام حسينؑ جي چهلم وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ھزارين عزادارن جي شرڪت
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
پريالوءِ ٿاڻي جي حد ۾ سڱاوتي تڪرار تان نوجوان مارجي ويو
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: ابراهيم حيدري پوليس ھٿان منشيات جي الزام ھيٺ عورت گرفتار
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ ڪربلا جي شھيدن جي چھلم بابت ماتمي جلوس برآمد ۽ مجلسون برپا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
فهد رضا سومرو
0 تبصرے