English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نئون ديرو: ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ناريءَ سان مبينا جنسي زيادتي، ڪيس داخل، وارثن جو احتجاج
220 views
|
11th May 2026
•
سنڌي خبرون
متاثر ناري جي ڀاءُ گلشير لغاري جي فرياد تي علي رضا لغاري خلاف ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ٿاڻي تي ڪيس داخل
نئون ديرو ڀرسان ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ناريءَ سان ٿيل جنسي ڏاڍائي واري واقعي جو ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي تي ناري جي ڀاءُ گلشير لغاري جي فرياد تي جوابدار علي رضا لغاري مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري خدشي سبب اي ايس پي حيدر علي شاھ پاران ڌرين جي گهرن ٻاهران پوليس پارٽي کي مقرر ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ڪيس جي فريادي گلشير لغاري پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو آهي. جتي دانهون ڪندي هنن چيو ته بااثر جوابدار ڌر جا ماڻهون اسان کي مختلف نمبرن تان ڌمڪائي رهيا آهن جڏهن ته بااثر ماڻهون اسان سان گڏ بيهڻ بجاءِ جوابدار ڌر سان ٺاهه لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن. هنن الزام هڻندي چيو ته جوابدار ڌر بااثر آهي ۽ اسان کي خدشو آهي ته جوابدار ڌر اثر رسوخ ۽ پئسو استعمال ڪري ميڊيڪل رپورٽ تبديل ڪرائي پنهنجي مرضي مطابق جاري ڪرائي سگهن ٿا. ان ڪري اسان خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر کي اپيل ڪئي ته مامري جو فوري نوٽيس وٺي ميڊيڪل رپورٽ پنهنجي نگراني ۾ ڪرائي وڃي ته جيئن ڪو به ان سان هٿ چراند نه ڪري سگهي ۽ اسان جي نياڻي سان ٿيل ظلم تي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Aug 2026
•
تازہ ترین
عمرڪوٽ ۾ حضرت امام حسينؑ جي چهلم وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ھزارين عزادارن جي شرڪت
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
04th Aug 2026
•
تازہ ترین
عمرڪوٽ ۾ حضرت امام حسينؑ جي چهلم وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ھزارين عزادارن جي شرڪت
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
پريالوءِ ٿاڻي جي حد ۾ سڱاوتي تڪرار تان نوجوان مارجي ويو
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: ابراهيم حيدري پوليس ھٿان منشيات جي الزام ھيٺ عورت گرفتار
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ ڪربلا جي شھيدن جي چھلم بابت ماتمي جلوس برآمد ۽ مجلسون برپا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ي علي رضا لغاري خلاف ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ٿاڻي تي ڪيس داخل
0 تبصرے